ڪراچي: گل پلازه سانحي جو ڏهون ڏينهن، سرچ آپريشن مڪمل
ڪراچي: گل پلازه سانحي جو ڏهون ڏينهن، سرچ آپريشن مڪمل * ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي گل پلازه سانحي کي 10 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ سرچ آپريشن کي مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي، گل پلازا سانحي ۾ حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 73 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 25 لاشن جي سڃاڻپ ٿي وئي گل پلازه مان ملبو هٽائڻ جو ڪم هلندڙ آهي ۽ اڄ عمارت سيل ڪئي ويندي، ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته وڌيڪ هڪ لاش جي ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، فوتيءَ جي سڃاڻپ عبدالحسيب پٽ عبدالحبيب جي نالي سان ٿي ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جو چوڻ آهي ته گل پلازه ۾ سرچ آپريشن تقريبن مڪمل ڪيو ويو آهي، گل پلازه جي عمارت کي اڄ سيل ڪيو ويندو.
Designed & Developed by
Aftab Tunio
