رتوديرو : روڊ حادثي جو زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت
رتوديرو : روڊ حادثي جو زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت *رتوديرو ۾ روڊ حادثي جو زخمي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، رتوديرو - شڪارپور روڊ باءِ پاس تي گذريل رات دير سان ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿيل موٽر سائيڪل سوار کي علاج لاءِ پوليس لاڙڪاڻو جي اسپتال اماڻيو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي هو فوت ٿي ويو، فوتي جي سڃاڻپ ڳڙهي ياسين تعلقي جي رهواسي محمد رمضان عرف حاجي عطراڻي جتوئي طور ڪئي وئي فوت ٿي ويل جو لاش تعلقه اسپتال آندو ويو پوليس ٻڌايو ته پوليس پنهنجي معمول جيان گشت ڪري رهي هئي ته ڦر جي ارادي سان بيٺل 3 موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پوليس کي ڏسي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڦورن جي موٽر سائيڪل تيز رفتار ايندڙ ڪار سان ٽڪرائجي وئيم جنهن ۾ هڪ ڦورو فوت ٿي ويو، باقي 2 ڄڻا فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪار ڊرائيور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو آهي.
Designed & Developed by
Aftab Tunio
