تازه ترين
قانون لاڳو ڪرڻ مقدس امانت آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير

قانون لاڳو ڪرڻ مقدس امانت آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير * چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته قانون لاڳو ڪرڻ مقدس امانت آهي، هٿياربند فوج سدائين بهادر ۽ باوقار پوليس سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهندي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل نيشنل پوليس اڪيڊمي جو دورو ڪيو، سيد عاصم منير آفيسرز سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. نيشنل پوليس اڪيڊمي پهچڻ تي ڪمانڊنٽ پاران فيلڊ مارشل جِي جيان ڪئي وئي، جڏهن ته پوليس جَي چُست دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. فيلڊ مارشل آءِ جِي پوليس، ايڊيشنل آءِ جِي ۽ ٻين سينيئر پوليس آفيسرز کي خطاب ڪندي جديد پوليسنگ جَي طريقيڪار ۽ عوام جَي اعتماد کي وڌائڻ تي زور ڀريو. سيد عاصم منير چيو ته هڪ مضبوط، پيشوراڻي ۽ عوام دوست پوليس فورس داخلي سلامتي ۽ قانون جِي بالادستي لاءِ اڻٽر آهي. فيلڊ مارشل چيو ته جديد پوليسنگ سان بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، دهشتگردي خلاف پوليس جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، قوم پوليس جي قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio