نصيرآباد:بدامني خلاف ٻئي ڏهاڙي به احتجاجي مظاهرو، ٿاڻي آڏو ڌرڻو
نصيرآباد:بدامني خلاف ٻئي ڏهاڙي به احتجاجي مظاهرو، ٿاڻي آڏو ڌرڻو * نصير آباد ۾ ٻئي ڏهاڙي به وڌندڙ بدامني ۽ اسڪول مان چوري واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. شھري اتحاد جي سڏ تي سياسي سماجي مذھبي ادبي ڪاروباري ڌرين،شاگردن،استادن ۽ شھرين وهاب بروهي، خدا بخش سانگهارو ۽ زاهد تنيوجي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته نصيرآباد پوليس جي نااھلي سبب ٿاڻي ۽ ايس ايڇ او جي ڪوارٽر وچ مان گورنمينٽ مين بوائز پرائمري اسڪول مان ٻيٽريون چوري ٿي ويون. هنن چيو ته هڪ هفتو گذرڻ باوجود پوليس ڪارروائي ناهي ڪئي، جنهن ڪري نصيرآباد جا رهواسي پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا آهن. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته امن بحال ڪرائي چوري واپس ڪرائي وڃي....
Designed & Developed by
Aftab Tunio
