تازه ترين
آمريڪي شهري جيڪڏهن ايران ڇڏي ڏين ته خراب خيال ناهي: ٽرمپ

آمريڪي شهري جيڪڏهن ايران ڇڏي ڏين ته خراب خيال ناهي: ٽرمپ *آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي شهري جيڪڏهن ايران ڇڏي ڏين ته اهو ڪو خراب خيال ناهي. هن چيو ته ايران ۾ فوتگين جا حقيقي انگ اکر ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر سامهون اچي ويندا. مشي گن رياست جي شهر ڊيٽرائٽ ۾ خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران لاءِ مدد اچي رهي آهي، جنهن جو مطلب عوام کي پاڻ سمجهڻو پوندو. هن چيو ته ايراني احتجاج جاري رکن، ڇو ته سندن لاءِ مدد پهچڻ واري آهي. آمريڪي صدر چيو ته ايران ۾ مظاهرين کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو آهي، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايراني اختيارين سان رٿيل سموريون ملاقاتون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو ته جيستائين ايران ۾ قتل عام بند نٿو ٿئي، تيستائين ايراني اختيارين سان ڪا به ملاقات نه ڪئي ويندي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio