تازه ترين
وفاقي سرڪار  پاران  833 اسڪولن جي تعمير ۽ ٻيهر بحالي لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جي منظوري

وفاقي سرڪار پاران 833 اسڪولن جي تعمير ۽ ٻيهر بحالي لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جي منظوري * وفاقي حڪومت، سنڌ ۾ 833 اسڪولن جي بحالي لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي . سال 2022ع ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل اسڪولن جي تعمير ۽ ٻيهر بحالي تي رقم خرچ ڪئي ويندي ان حوالي سان پلاننگ ڪميشن چيئرمين، رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي کي خط لکي ڇڏيو خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هي منصوبو 24 نومبر 2025ع تي منعقد ٿيل ايڪنڪ جي اجلاس ۾ غور هيٺ آيو هو. منصوبو 12 ارب 33 ڪروڙ 71 لک رپين جي لاڳت سان ايڪنڪ جي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو هو خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته نظر ثاني ۽ منظور ٿيل خرچ ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جا حصا شامل آهن. خط موجب منصوبي تي عملدرآمد جي مُدت جون 2026ع تائين مقرر ڪئي وئي هئي. هي منصوبو 24 نومبر 2025ع تي منعقد ٿيل ايڪنڪ جي اجلاس ۾ غور هيٺ پڻ آيو هو قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) ،رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي ۽ اسپيشل انيشيئيٽو طرفان 18 نومبر 2025ع تي سمري پيش ڪئي وئي هئي سمري جو عنوان “برساتن ۽ 2022ع جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل سنڌ جي 833 اسڪولن جي تعمير ۽ ٻيهر بحالي” هو نظرِ ثاني ٿيل ۽ منظور ٿيل خرچ ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جا حصا شامل آهن. ايڪنڪ جي فيصلي مطابق منصوبي جي ڪُل لاڳت 12 ارب 33 ڪروڙ 71 لک رپيا آهي. منصوبي تي عملدرآمد جي مُدت جون 2026ع تائين مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا انتظامي منظوري ۾ واضح طور تي ظاهر ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسپانسرنگ ايجنسي قاعدن مطابق منصوبي جي انتظامي منظوري جاري ڪري سگهي ٿي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio