تازه ترين
ايراني قوم مضبوط ۽ مڪمل طور باخبر آهي: آيت الله خامنا اي

ايراني قوم مضبوط ۽ مڪمل طور باخبر آهي: آيت الله خامنا اي *ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي چيو آهي ته ايراني قوم مضبوط، طاقتور ۽ مڪمل طور باخبر آهي، جيڪا هر قسم جي سازشن کي سڃاڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هن حڪومت جي حق ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۽ عظيم ريلين تي عوام کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته انهن ريليُن دشمنن جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. آيت الله خامنا اي چيو ته ايراني قوم هميشه ميدان ۾ موجود رهي ٿي ۽ ڪنهن به دٻاءَ آڏو نه جهڪندي. هن آمريڪا کي مخاطب ٿيندي چيو ته آمريڪا پنهنجي اوزارن ۽ فريبي حربن تي ڀروسو ڪرڻ ڇڏي ڏئي، ڇو ته اهي طريقا هاڻي ناڪام ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته ايران پنهنجي خودمختياري، وقار ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ متحد آهي ۽ ڪنهن به ٻاهرين مداخلت کي قبول نه ڪندو.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio