ٽرمپ پاران ايران ۾ غير فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ تي غور: آمريڪي اخبار
ٽرمپ پاران ايران ۾ غير فوجي هدفن کي نشانو بڻائڻ تي غور: آمريڪي اخبار * امريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ انتظاميا ايران خلاف ڪارروائي تي غور ڪري رهي آهي. نيويارڪ ٽائمز موجب امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران تي فوجي حملن وارن آپشنز تي بريفنگ ڏني وئي آهي، جنهن کانپوءِ ٽرمپ انتظاميا ايران ۾ جاري مظاهرن جَي موقعي تي تهران ۾ غير فوجي هدفن تي حملن بابت سنجيدگيءَ سان غور ڪري رهي آهي. امريڪي اخبار، امريڪي اختيارين جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته صدر ٽرمپ ايران تي حملن جو اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي ڪيو پر ايراني حڪومت پاران مظاهرن کي دٻائڻ وارين ڪوششن جَي ردعمل ۾ سنجيدگيءَ سان فوجي ڪارروائي جِي اجازت تي غور ڪري پيو. ياد رهي ته ايران ۾ پرتشدد مظاهرا 13 ڏينهن کان جاري آهن، جتي هيل تائين واقعن ۾ 15 سيڪيورٽي اهلڪارن سوڌو 65 ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي اسپتالن ۾ داخل آهن.
