تازه ترين
صوماليه بابت اسرائيلي قدم جي مذمت ڪريون ٿا: اسحاق ڊار

صوماليه بابت اسرائيلي قدم جي مذمت ڪريون ٿا: اسحاق ڊار * نائب وزيراعظم اسحاق ڊار صوماليا جِي خودمختياري جِي حمايت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل، صومالي لينڊ کي تسليم ۽ پرڏيهي وزير موڪلي صوماليا جَي عالمي طور تسليم ٿيل سرحدن تي سڌي ريت حملو ڪيو آهي. اسلامي تعاون تنظيم جَي پرڏيهي وزير ڪائونسل جَي غير معمولي اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان، اسرائيل جِي غير قانوني ۽ غير حقيقي ڪارروائي جِي سخت مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته عالمي قانون تحت رياست جِي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لازمي آهي، ڪنهن به پرڏيهي اداري يا رياست کي اها حقيقت تبديل ڪرڻ جو قانوني يا اخلاقي حق ناهي، اهڙي ڪنهن به عمل جو قانوني يا سياسي اثر حاصل نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان او آءِ سي ملڪن سان گڏجي اسرائيل جَي قدم کي گڏيل بيان ۾ رد ڪيو، پاڪستان صوماليا جَي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جَي قربانين کي ساراهي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته صومالي لينڊ صوماليا جو غير تڪراري ۽ اڻ ٽُٽ حصو آهي، اسرائيلي قدم دهشتگردي خلاف عالمي ۽ علائقائي ڪوششن کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. اسحاق ڊار چيو ته اسرائيلي قدم خطي ۾ سنگين اثر پيدا ڪري سگهي ٿو، عوامي ووٽ جَي بنياد تي چونڊون ئي صوماليا جِي ترقي جِي علامت آهن، صوماليا قومي مفاهمت ۽ آئيني سڌارن ۾ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio