تازه ترين
پاڪستاني سوشل ميڊيا اسٽار احمد شاهه جو ننڍو ڀاءُ عمر شاهه لاڏاڻو ڪري ويو.

پاڪستاني سوشل ميڊيا اسٽار احمد شاهه جو ننڍو ڀاءُ عمر شاهه لاڏاڻو ڪري ويو. عمر شاهه پنهنجي وڏي ڀاءُ احمد سان گڏ خانگي ٽي وي چينلز تي رمضان ٽرانسميشن ۾ نظر ايندو هو ۽ سندس ڪيتريون ئي ڪلپس سوشل ميڊيا تي وائرل پڻ ٿيون. سومر جي صبح احمد شاهه جي تصديق ٿيل فيس بڪ اڪائونٽ تي عمر جي موت جي افسوسناڪ خبر شيئر ڪئي وئي. پوسٽ ۾ عمر شاهه جي موت جو سبب نه ٻڌايو ويو، جڏهن ته، مداحن هن خبر تي احمد سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته عمر گذريل سال جولاءِ ۾ موتئي جي سرجري ڪرائي هئي، جڏهن ته، عمر جي موت جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو.


خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio