بابر اعظم ۽ محمد رضوان آئوٽ، ٽي ٽوئنٽي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان
بابر اعظم ۽ محمد رضوان آئوٽ، گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۽ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو، پاڪستان، افغانستان ۽ يــُو اَي اِي جي ٽراءِ نيشن سيريز 29 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين شارجه ۾ ٿيندي، ايشيا ڪپ 9 سيپٽمبر کان 28 سيپٽمبر تائين ابو ظهبي ۽ دبئي ۾ ٿيندو، 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان سليڪٽر عاقب جاويد ۽ هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، سلمان علي آغا کي اسڪواڊ جو ڪپتان برقرار رکيو ويو، اسڪواڊ ۾ فخر زمان، شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف، صائم ايوب، خوشدل شاهه، حسين طلعت شامل، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، محمد حارث، ابرار احمد، فهيم اشرف، حسن علي، حسن نواز، صاحبزداده فرحان، سلمان مرزا ۽ سفيان مقيم به اسڪواڊ جو حصو آهن
Designed & Developed by
Aftab Tunio
