تازه ترين
پاڪستان لاء پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ پهلوان دين محمد لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: پاڪستان لاء پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ پهلوان دين محمد لاڏاڻو ڪري ويو آهي. دين محمد 1954ع جي ايشين گيمز ۾ پاڪستان لاءِ سون جو تمغو کٽيو هو. پهلوان دين محمد جي ڄمار 100 سالن کان وڌيڪ هئي. لاهور جي ڀرپاسي جي علائقي باٽاپور جي رهواسي دين محمد منيلا ۾ ايشيائي راندين ۾ پاڪستاني جهنڊو بلند ڪيو ۽ فلپائن، ڀارت ۽ جپان جي پهلوانن کي شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽيو. ايشين گيمز ۾ تمغا کٽڻ کانسواء، دين محمد ڪيترن ئي بين الاقوامي مقابلن ۾ پاڪستاني جهنڊو بلند ڪيو ۽ ڪامن ويلٿ گيمز ۾ پتل جو تمغو به کٽيو. پنجاب جي راندين واري وزير ملڪ فيصل ايوب کوکر ۽ ڊي جي اسپورٽس پنجاب خضر افضلچوڌري، دين محمد جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي راندين واري وزير چيو ته پهلوان دين محمد جون ملڪ لاءِ خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio