26جون خميس کان سنڌ ۾ برساتن جي اڳڪٿي
26جون خميس کان سنڌ ۾ برساتن جي اڳڪٿي، موسميات کاتي موجب مون سون هوائون ملڪ جي اتر ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿي رهيون آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مون سون هوائن ۾ وڌيڪ شدت اچي سگهي ٿي، 26 جون تي ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، دادو ۾ آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي، 27 جون تي سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ برسات پئجي سگهي ٿي، ڪراچي ۾ ايندڙ ٽي ڏينهن جهـُڙالي موسم ۽ گرمي پد ۾ اضافي جو به امڪان آهي
Designed & Developed by
Aftab Tunio
