وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جو عالمي برادري کان فلسطين ۾ ٻارن تي ٿيندڙ ظلم بند ڪرائڻ جو مطالبو
وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جو عالمي برادري کان فلسطين ۾ ٻارن تي ٿيندڙ ظلم بند ڪرائڻ جو مطالبو، معصوم ٻارن لاءِ محفوظ دنيا اسان جو فرض آھي، انسانيت جو اصول آھي ته اسان ٻارن کي جنگ جي اثرن کان بچايون، فلسطين ۾ ٻارن تي جنگي ظلم انسانيت خلاف ڏوھه آھي،گڏيل قومون فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ٻارن تي اسرائيلي ۽ ڀارتي جارحيت کي فوري بند ڪن، وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جو ٻارن تي جارحيت جي عالمي ڏينهن تي پيغام، چوي ٿو، ٻارن کي تحفظ ڏيڻ سنڌ حڪومت جي پھرين ترجيح آھي، ٻارن جي اغوا، جنسي تشدد ۽ تعليم تي حملو برادشت جوڳو ناھي،سنڌ حڪومت ٻارن جي حقن جي حفاظت لاءِ پرعزم آھي، سنڌ ۾ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس جو دائرو سمورن ضلعن تائين وڌايو ويندو،گھٽ عمر ٻارن سان ٿيندڙ ظلم خلاف قانون تي سختي سان عملدرآمد جاري آھي
Designed & Developed by
Aftab Tunio