تازه ترين
پاڪستان جي سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد واشنگٽن پهتل

پاڪستان جي سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد واشنگٽن پهتل، پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ پارلياماني وفد جو استقبال ڪيو،وفد آمريڪي عملدارن ۽ ٿـينڪ ٽينڪ آڏو ڀارتي جارجيت بابت پنهنجو موقف پيش ڪندو، بلاول ڀٽو زرداري ٽرمپ انتظاميا تي ڪشمير جو مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ زور ڀريندو، بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو ڪيس يو اين سيڪريٽري جنرل آڏو پيش ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري جي پارلياماني وفد سان گڏ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انـَتونيو گوتريس سان ملاقات، انـَتونيو گوتريس کي وزيراعظم جو خط پيش، سفارتي مشن جي سربراهه جي سنڌ طاس معاهدي کي حل ڪرائڻ جي اپيل، بلاول ڀٽو زرداري پهلگام حملي کانپوءِ ڀارت جي بي بنياد الزامن کي رد ڇڏيو، چوي ٿو، ڀارت جا هڪ طرفا فوجي اپاءَ خطي جي امن لاءِ خطرو آهن، سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان جي امن پسندي جي واکاڻ ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏيل قومن جي سهڪار جو يقين ڏياريو، بلاول ڀٽو زرداري جي پارلياماني وفد سان گڏ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر فيليمون يانگ سان به ملاقات، بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري تي زور ڀريو ته سنڌ طاس معاهدي جي بحالي ۽ ڳالهين جي شروعات لاءِ ڪردار ادا ڪري، جنرل اسيمبلي جي صدر امن لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪئي

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio