تازه ترين
يوم تڪبير جي موقعي تي سنڌ ۾ مختلف تنظيمن پاران ريليون

يوم تڪبير جي موقعي تي سنڌ ۾ مختلف تنظيمن پاران ريليون، وطن جو دفاع ڪندڙن کي سلام پيش، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، نوابشاهه، سجاول، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، هالا، ڀان سيد آباد، نئون ديرو، روهڙي، ڇاڇرو، ٿاڻي بولا خان، ٺري مير واهه، ڏيپلو، ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون، شهرين جو چوڻ آهي ته 28مئي جو ڏهاڙو پاڪستان جي تاريخ ۾ نهايت اهميت وارو آهي، اڄ پاڪستان وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم آهي، پاڪ فوج ملڪ جو فخر آهي ۽ دشمن جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي دنيا جي نقشي تي هميشه قائم ۽ دائم رکي

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio