تازه ترين
ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ به اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون

ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن ۾ به اليڪٽرڪ بس سروس شروع ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، ايشيائي ترقياتي بينڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ڪراچي ۾ ملاقات، صوبي جي تيزيءَ سان ترقي پذير ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ امڪاني سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ، وفد پاران سنڌ جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ بهتري لاءِ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته مستقبل اليڪٽرڪ گاڏين جو آهي، سنڌ حڪومت اليڪٽرڪ وهيڪل سيڪٽر ۾ غير معمولي اڳڀرائي چاهي ٿي، ايشياتي ترقياتي بينڪ طرفان سنڌ جي ٽرانسپورٽ سيڪٽر ۾ دلچسپي سٺو سنئوڻ آهي،اسانجي حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ انقلابي تبديلي لاءِ پـُرعزم آهي، پائيدار ٽرانسپورٽ اسانجي ترجيحن ۾ سر فهرست آهي، ڪراچي کانپوءِ ٻين وڏن شهرن ۾ به اليڪٽرڪ بس سروس جو دائرو وڌائڻ جو ارادو رکون ٿا

خبرون

Designed & Developed by Aftab Tunio