لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد مان هڪ شخص جو لاش هٿ
لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد مان هڪ شخص جو لاش هٿ آيو، باقراڻي ٽاور لڳ هٿ آيل لاش ضروري ڪارروائي بعد ايڌي حوالي ڪيو ويو، لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي عمرڪوٽ جي علائقي ڇور ڀرسان ڳوٺ شفيع منگريو ۾ مال جي واڙي تي ستل پيرسن جو گوليون لڳل لاش هٿ، مقتول نبي بخش منگريو جي ڀاءُ ٻڌايو ته سندس ڀاءُ مال جي واڙي تي اڪيلو رهندو هو ۽ چوپايو مال سنڀاليندو هو، رات دير سان اڻڄاتل هٿياربند فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ويا آهن اڏيري لال ويجھو ٻڏي فوت ٿيل نينگر جو لاش ھٿ، حاجي خان شھوڪ جو رھواسي چئن سال جي نينگر مجيب رحمان شھول جو نصير واھه مان لاش ھٿ آيو،اطلاع تي پوليس پھچي لاش کي ٻاھر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو
Designed & Developed by
Aftab Tunio