سنڌ حڪومت طرفان عورتن کي اِي وي اسڪوٽيز جي فراھمي لاءِ ايندڙ مھيني قراندازي جو فيصلو
سنڌ حڪومت طرفان عورتن کي اِي وي اسڪوٽيز جي فراھمي لاءِ ايندڙ مھيني قراندازي جو فيصلو ، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ اعليٰ سطحي اجلاس،ٽرانسپورٽ منصوبن بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو،سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چوي ٿو، اِي وي ٽيڪسي ۽ اِي وي اسڪوٽي نوجوانن جي روزگار، ماحوليات لاءِ انتھائي اھم آھي، ڪوشش آھي ته جون ۾ اِي وي اسڪوٽي سان گڏ اِي وي ٽيڪسي تي به ڪم شروع ڪيو وڃي، سمورا لاڳاپيل ادارا ڊيپو ۽ بائيو گئس پلانٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪن، ڪراچي جي عوام جديد، محفوظ ۽ اعتماد جوڳي ٽرانسپورٽ جي منتظر آھي، ڄام صادق پل جي وقت کان اڳ اڏاوت خوشي جھڙي ڳالھه آھي، اسان کي فوري طور تي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 5 سئو نئين بسن جي ضرورت آھي ،سنڌ حڪومت عوام کي باوقار ۽ آسان سفري سھولت جي فراھمي لاءِ سنجيده قدم کڻي رھي آھي،شھري ھاڻي پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ترجيح ڏئي رھيا آھن