سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽيءَ جو طوفان ۽ وسڪارو، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽيءَ جو طوفان ۽ وسڪارو، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار، حيدرآباد ۾ مٽيءَ جي طوفان کانپوءِ برسات، بجليءَ جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا، ڄامشوري ۾ تيز هوائن سان وسڪارو، مواصلاتي نظام درهم برهم، دڙيَ ۾ طوفان سبب ڪَچن گهرن جون ڇتيون ڊهي پيون، 3 عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي، ٺٽي، جهمپير، ٽنڊي محمد خان، ماتلي، شيخ ڀرڪئي، گلاب لغاري، ٻڍو قمبراڻي، بلڙي شاهه ڪريم، ڄام نواز علي، سنجر چانگ ۽ جهوڪ شريف ۾ مٽيءَ جي طوفان سبب انبن جي باغن ۽ وونئڻن جي فصل کي نقصان، نوري آباد ۾ به مٽيءَ جو طوفان، ڪکاون گهرن جا ڇپرا اڏامي ويا، مواصلاتي نظام متاثر، قبي سعيد ۾ به وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار بڻجي وئي، ڪچي پل ۽ پتوجا ۾ به گجگوڙ سان برسات، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو