ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي وسڪاري جو امڪان
ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي وسڪاري جو امڪان، موسميات کاتي موجب، اولهه هوائن جو نظام ملڪ جي اترين ۽ مرڪزي حصن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، جنهن جا اثر هاڻ ڏکڻ وارن علائقن تائين پهچي رهيا آهن، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، شهدادڪوٽ، حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، سانگهڙ، شهيد بينظيرآباد، گھوٽڪي، سکر، خيرپور، عمرڪوٽ، ۽ ٿرپارڪر ۾ اڄ ۽ سڀاڻي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، اڪثر علائقن ۾ تيز هوائون به گهلنديون