ڪانگو: ٻيڙي ۾ باهه لڳڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 148 ٿي ويو
آفريقي ملڪ ڪانگو ۾ ٻيڙي ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 148 ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪانگو جي اختيارين چيو آهي ته ٻيڙي ٻڏڻ کان پوءِ سوين ماڻهو اڃا تائين گم آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته اڳاري ڏينهن باهه لڳڻ بعد ٻيڙي ڪانگو ندي ۾ ٻڏي وئي هئي. ميڊيا رپورٽن موجب، ٻيڙي ۾ باهه ان وقت لڳي جڏهن هڪ عورت کاڌو پچائي رهي هئي