تازه ترين
ڀارت ۾ شاديءَ جي ڏٽي تي ماڻهن کي ڦريندڙ ٽولو سوگهو

ڀارتي رياست اتر پرديش جي هردوئي ضلعي ۾ پوليس هڪ منفرد ۽ چالاڪ جٿي کي وائکو ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽي عورتون شادي جي بهاني 13 کان وڌيڪ نوجوانن کي ڦرينديون رهيون آهن.پوليس ڪارروائي ڪندي ٽنهي عورتن کي گرفتار ڪيو ۽ سندن قبضي مان روڪ رقم ۽ زيور هٿ ڪيا آهن. پوليس موجب، نيرج گپتا نالي شهريءَ شڪايت داخل ڪئي ته پرمود نالي هڪ شخص کيس سندس پوٽيءَ پوجا سان شادي ڪرائڻ جي بهاني سان هردوئي رجسٽرار آفيس ۾ سڏايو. اتي شاديءَ جي رسمن کان پوءِ، سندس وهانءُ پوجا سان ڪرايو ويو. شادي کان فوري پوءِ، نيرج، روايت موجب، پنهنجي نئين ڪنوار کي پئسا ۽ زيور ڏنا، پر ڪنوار پوجا ۽ سندس ڏاڏو پرمود ڪجهه ڪلاڪن اندر ئي غائب ٿي ويا. پوليس فوري ڪارروائي ڪندي پوجا عرف سونم، آشا عرف گدي ۽ سنيتا کي گرفتار ڪري ورتو. شروعاتي جاچ دوران، اهو ظاهر ٿيو ته اهي عورتون رياست جي نوجوان غير شادي شده مردن کي نشانو بڻائيندي ساڻن جعلي شاديون ڪنديون هيون، ۽ بعد ۾ قيمتي شيون ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي وينديون هيون. پوليس جو چوڻ آهي ته گينگ جي وڌيڪ ميمبرن جي ڳولا جاري آهي ۽ جلد ئي هي جعلي نيٽ ورڪ مڪمل طور تي ختم ڪيو ويندو.

خبرون