آمريڪي ڪمپنيءَ اڏامندڙ ڪار متعارف ڪرائي ڇڏي
آمريڪي ڪمپني، ايلف ايروناٽڪس، "ماڊل اي" نالي هڪ بجليءَ واري ڪار ايجاد ڪئي آهي، جيڪا بيٺل هوندي به اڏامڻ لائق آهي. ڪار هڪ ئي چارج تي 110 ميلن تائين اڏامي سگهي ٿي ۽ روڊ تي 200 ميلن تائين سفر ڪري سگهي ٿي. ان ڪار جو مُلهه 300,000 ڊالرز کان وڌيڪ آهي، پر ڪمپنيءَ کي ان ڪار لاءِ 3,200 آرڊرز مليا آهن.اها اڏامندڙ ڪار جلد ئي وڪري لاءِ مارڪيٽ ۾ دستياب هوندي. آمريڪا ۾ رڳو اهي ماڻهو ئي هن ڪار کي اڏائي سگهندا جن کي 40 ڪلاڪن تائين ننڍو هوائي جهاز اڏائڻ جو تجربو هوندو. ڪمپني موجب اها ڪار ٽريفڪ جي رش کان بچڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي.