تازه ترين
”50 ڪلو کان گهٽ وزن وارا ماڻهو اڏامي ويندا“، چين ۾ طوفاني هوائن جو الرٽ جاري

چين ۾ تيز طوفاني هوائن جي خطري سبب لکين ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، عوام کي خبردار ڪيو ويو آهي ته طوفاني هوائن جي نتيجي ۾ 50 ڪلوگرام کان گهٽ وزن رکندڙ ماڻهو توازن برقرار نه رکي سگهندا ۽ اڏامي به سگهن ٿا. رپورٽ موجب، اختيارين چيو آهي ته تيز هوائون ڇنڇر ۽ آچر تي اتر چين ۾ ماڻهن کي پري تائين اڏائي کڻي وڃي سگهن ٿيون. اختيارين لکين ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته سرڪاري ميڊيا خبردار ڪيو آهي ته 50 ڪلوگرام کان گهٽ وزن وارا ماڻهو انهن هوائن ۾ سولائيءَ سان اڏامي وڃي پري ڪرندا. اختيارين جو چوڻ آهي ته منگوليا کان ڏکڻ اوڀر طرف وڌندڙ ٿڌي طوفان جي ڪري بيجنگ، تيانجن ۽ هيبي علائقي جي ٻين حصن ۾ 150 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلنديون. هڪ ڏهاڪي ۾ پهريون ڀيرو، بيجنگ ٽائيفون لاءِ نارنگي الرٽ جاري ڪيو آهي، جيڪو چار رُخي موسم بابت خبردار رکڻ واري نظام ۾ ٻيو نمبر خطرناڪ ترين سطح آهي. رپورٽ موجب، اهو خدشو پڻ آهي ته هن ڀيري هوائون ڪيترن ئي ورهين ۾ علائقي ۾ ڏٺل ڪنهن به شيءِ کان وڌيڪ تيز هونديون. عملدارن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڇنڇر تي تيز هوائون گهنديون ته بيجنگ ۾ 24 ڪلاڪن اندر گرمي پد 13 ڊگري سينٽي گريڊ گهٽجي ويندو. بيجنگ موسمياتي سروس موجب اهي انتهائي تيز هوائون آهن، گهڻي وقت تائين گهلنديون آهن ۽ هڪ وسيع علائقي کي متاثر ڪنديون آهن، ۽ انتهائي تباهي ڪندڙ آهن."

خبرون