سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جاري
تڪراري ڪئنالن خلاف جـَي يو آءِ سنڌ جـَي سڏ تي مختلف شهرن ۾ بئراجن ۽ پلن وٽ ڌرڻا، سکر ۽ گڊو بئراجن وٽ احتجاجي ڌرڻا، سجاول ويجهو دولهه درياهه خان پل وٽ پڻ ڌرڻو، خيرپور لاڙڪاڻي پل توڙي دادو مورو پل تي به ڌرڻا، ڌرڻن ۾ جـَي يـُو آءِ اڳواڻن سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ، ، ڌرڻن سبب ٽريفڪ بند، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، راشد محمود سومرو جو چوڻ آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، وفاق سنڌ دشمن رٿائون بنا دير ختم ڪري سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جاري، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون ۽ ڌرڻا، قمبر، ٺٽي، بلڙي شاهه ڪريم، جاتي، جهنڊو مري، سامارو، دڙو، گپچاڻي، پنوعاقل، ميهڙ، ڊگهڙي، قاضي احمد، وارهه سميت ٻين شهرن ۾ به ريليون ڪڍيون ويون، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سان لاڙ پٽي سجاول، بدين، ٺٽي ضلعن کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو ۽ سڄي سنڌ سڪي ويندي، سنڌو درياهه سنڌين جو جياپو آهي، سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي درياهه کي بچائڻ لاءِ مزاحمت ڪندو، چولستان ۽ ٻيا ڪئنال قبول ناهن، سنڌ کي بنجر بڻجڻ نه ڏنو ويندو