اڳوڻي ڀارتي اداڪارا ثنا خان هڪ ڀيرو ٻيهر ماءُ بڻجي وئي
مذهب خاطر شوبز انڊسٽريءَ کي الوداع ڪندڙ اڳوڻي ڀارتي اداڪارا ثنا خان ٻئي ٻار کي جنم ڏنو آهي. ثنا خان ۽ سندس مڙس انس انسٽاگرام تي سومر ڏهاڙي پنهنجي مداحن سان خوشخبري شيئر ڪندي چيو ته کين 5 جنوري تي ٻئي پٽ جو اولاد ٿيو آهي. جوڙي انسٽاگرام تي قرآن پاڪ جي تلاوت جي هڪ وڊيو پڻ شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه تقدير ۾ لکيو آهي، جڏهن وقت ايندو آهي ته الله ڏيندو آهي ۽ جڏهن عطا ڪندو آهي ته خوشين سان نوازي ڇڏيندو آهي. ياد رهي ته ثنا خان 2020 ۾ بالي ووڊ کي الوداع ڪيو ۽ 2021 ۾ مفتي انس سيد سان شادي ڪئي. ثنا خان ۽ مفتي انس کي 2023ع ۾ پهريون پٽ ڄائوهو