تازه ترين
آمريڪي خلائي تحقيقاتي اداري ناسا جي خلائي جهاز، سج جي انتهائي ويجهو اڏام ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي

آمريڪي خلائي تحقيقاتي اداري ناسا جي خلائي جهاز، سج جي انتهائي ويجهو اڏام ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي، پرڏيهي خابرو اداري مطابق سائنسدانن کي پارڪر پروب مان گذريل رات سگنل موصول ٿيو، ان کان پهريان خلائي جهاز سج مان خارج ٿيندڙ انتهائي شديد گرمي پد ۽ تابڪاري کي برادشت ڪندي سج جي ٻاهرين فضا ۾ 38 لک ميل جي فاصلي تي اڏام ڪري رهيو هو ان دوران ان جو زمين سان رابطو ڪٽجي ويو هو، ناسا جو چوڻ آهي ته خلائي جهاز محفوظ ۽ معمول مطابق ڪم ڪري رهيو آهي، سائنسي ماهرن موجب ناسا جي مشن مان اهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي ته سج حقيقت ۾ ڪم ڪيئن ڪندو آهي

خبرون