تازه ترين
چين ۾ سون جي وڏي کاڻ دريافت، هٿ آيل سون جو مُلهه ڪيترو هوندو؟

چين جي صوبي هونان ۾ سون جو وڏو ذخيرو دريافت، قيمت ايتري آهي جو هڪ سڄو ملڪ امير ٿي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب، دريافت ڪيل ذخيرو امڪاني طور دنيا جو سڀ کان وڏو سون جو ذخيرو آهي، جنهن ۾ اٽڪل 1000 ميٽرڪ ٽن اعليٰ معيار جو سون آهي. چيني صوبي هونان ۾ هٿ آيل سون جي ان ذخيري جو ملهه 83 ارب آمريڪي ڊالرز کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي. ابتدائي ڳولا ۾ 2 ڪلوميٽرن جي اونهائي تائين اٽڪل 300 ميٽرڪ ٽن سون مليو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ذخيرن جو اندازو لڳايو پيو وڃي ۽ کوٽائي پڻ هلندڙ آهي. مقامي جيولوجيڪل بيورو موجب سون جا وڌيڪ ذخيرا 3 هزار ميٽرن جي اونهائيءَ تائين ملڻ جو امڪان آهي ۽ جيڪڏهن اهو اندازو درست آهي ته انهن ذخيرن جو ڪُل ملهه 83 ارب ڊالر ٿي سگهي ٿو. مائننگ ٽيڪنالاجي موجب چيني سون جا ذخيرا دريافت ٿيڻ کان اڳ دنيا ۾ سون جا سڀ کان وڏا ذخيرا ڏکڻ آفريڪا، انڊونيشيا، روس، چلي، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ آهن.

خبرون