تازه ترين
اداڪارا حرا سومرو مردن جي چئن شادين واري حق جي حمايت ڪري ڇڏي

خانگي ٽي وي چينل جي بلاڪ بسٽر ڊراما سيريل ”تيري بن“ ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪاره حرا سومرو جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو مرد انصاف سان نڀاءُ ڪري سگهي ٿو ته ڀلي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪري. اداڪارا حرا سومرو تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مردن جي پوليگامي سميت مختلف مسئلن تي کليل دل سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. حرا سومرو ڳالهائيندي چيو ته مان سمجهان ٿي ته جيڪڏهن ڪو مرد پنهنجي زال جون جذباتي ۽ مالي ضرورتون پوريون ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن هو پنهنجي سمورين گهروارين سان انصاف ڪري سگهي ٿو ته پوءِ کيس هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ گهرجن، قانون ۽ مذهب ٻنهي طرفان کيس اجازت مليل آهي. اداڪارا چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به عورت جو مڙس ٻي شادي ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو پنهنجي گهروارين ۾ انصاف ڪري سگهي ٿو ته پوءِ عورت کي ڪو مسئلو نه هجڻ گهرجي، جيڪڏهن مرد پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي ته بهتر آهي حرام بدران هو ڀلي ٻي شادي ڪري. حرا سومرو چيو ته اڄ جي دور ۾ عورت کي خود مختيار ٿيڻو پوندو، گهر سنڀالڻ، ٻارن جو خيال رکڻو پوندو، اهڙي صورت ۾ مڙس کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ممڪن ناهي، عورت کي ڪنهن به صورت ۾ معاشي طور مردن جو محتاج نه ٿيڻ گهرجي. اداڪارا حرا سومرو جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن منهنجو مڙس ٻي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته هو ڪري سگهي ٿو پر شرط اهو آهي ته هو منهنجو ۽ ٻارن جو قدر ڪرڻ سميت هر ضرورت پوري ڪري.

خبرون