تازه ترين
پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جو مرڪز ڇو بڻجي وئي؟

پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن جو مرڪز بڻجي وئي آهي. اداڪارا مهوش حيات هني سنگهه جي نئين البم ”گلوري“ ۾ نه رڳو چمڪندي رهي آهي پر ان ۾ پنهنجي آواز جو جادو به ڦهلائيندي. مهوش حيات مشهور ڀارتي ڳائڻي هني سنگهه سان گڏ پنهنجي نئين وڊيو ’جٽ مکھن‘ جي ٽيزر ۾ به نظر آئي آهي. سندس ڀارتي گاني ”جٽ مکھن“ 8 نومبر تي رليز ڪيو ويندو، جنهن جو ٽيزر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي، وڊيو ۾ مهوش حيات مغربي انداز ۾ ڪاري لباس ۾ نظر اچي رهي آهي. مهوش حيات گاني جو ٽيزر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيو، گاني کي دبئي ۾ شوٽ ڪيو ويو آهي

خبرون