تازه ترين
ڦل: اسڪول ۾ نالين جو گندو پاڻي داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڦل جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ نالين جو گندو پاڻي داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اسڪول جي استادن هيڊماستر استاد ابراهيم ڦل، استاد صدرالدين چانڊيو ۽ ٻارن احتجاجي مظاهرو ڪيو، استادن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسڪول ۾ 160 ٻار تعليم پرائي رهيا آهن، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ نياڻيون شامل آهن پر افسوس جو اسڪول جي چوڌاري پاڻي جي نيڪال وارين نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري سڄو گندو پاڻي اسڪول اندر اچي ٿو هنن ٻڌايو ته نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين جو گندو پاڻي اوورفلو ٿيڻ ڪري پاڻي اسڪول اندر داخل ٿيڻ سبب عمارت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي ۽ اسڪول جي ڇت مان چاپڙ پڻ ڪري رهيا ۽ اسڪول جي عمارت ڪنهن به وقت اوچتو ڪري سگهي ٿي هنن سنڌ حڪومت,تعليم کاتي جي وزير سردار شاهه,تعليم کاتي جي اعلي عملدارن سميت ضلعي چيئرمين, ڊي سي نوشهروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي چوڌاري نالين جي صفائي ڪرائي ۽ اسڪول کي نئين سر ٺهرائي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

خبرون