وينوم: دي لاسٽ ڊانس ھالي ووڊ جي باڪس آفيس تي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو
ھالي ووڊ جي ايڪشن ۽ ٿرلر سان ڀريل فلم وينوم “لاسٽ ڊانس” ريليز ٿي چڪي آھي، جنهن باڪس آفيس تي 7 ڏينهن ۾ 50 ملين ڊالرز ڪمائي ھالي ووڊ جي ٽاپ 20 فلمز ۾ شامل ٿي وئي آھي... وينوم “ليٽ ديئر بي ڪارنيج” هڪ سپر ھيرو فلم آھي،فلم ۾ ٽام هارڊي کي هڪ نوجوان طور بيوس ٿي گھمندي ڏسي سگھجي ٿو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري وڃي ٿي، بعد ۾ سندس اندر هڪ خلائي شئي داخل ٿيڻ بعد ھو سپر ھيرو جو ڪردار ادا ڪري ٿو.. ھالي ووڊ جي مشھور فلم وينوم “ليٽ ديئر بي ڪارنيج” باڪس آفيس تي تمام سٺو ڪاروبار ڪيو ھو، جنهن بعد ھديتڪار طرفان فلم جو سيڪئول ٺاھيو ويو آھي جيڪا پڻ تمام گھڻي مشھور ٿي آھي.