عربي سمنڊ ۾ موجوده سسٽم ساحلي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان،الرٽ جاري
عربي سمنڊ ۾ موجوده سسٽم ساحلي طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان، نيشنل ايمرجنسي سينٽر شروعاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، اين ڊي ايم اي موجب طوفان پيدا ڪندڙ سسٽم لڪشديپ ماٿري ڀارت ويجهو موجود آهي جنهن جي اتر اولهه ڏانهن وڌڻ جو امڪان آهي، سسٽم آڪٽوبر جي ٽئين هفتي پاڪستاني ساحلي پٽي سان ٽڪرائجي سگهي ٿو