دنيا جو اهڙو ملڪ جيڪو پيٽرول تي هلندڙ گاڏيون ختم ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويو
دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڪو ملڪ پيٽرول تي هلندڙ گاڏين جو استعمال ختم ڪرڻ جي ويجهو آهي.يورپي ملڪ ناروي ۾ پيٽرول جي ڀيٽ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جو انگ وڌي ويو آهي.اهڙي طرح، اهو دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن روڊن تان ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجندڙ گاڏين جو انگ گهٽايو آهي.هن وقت ملڪ ۾ 28 لک گاڏيون رجسٽرڊ آهن، جن مان 7 لک 54 هزار 302 گاڏيون بجليءَ تي هلن ٿيون، جڏهن ته 7 لک 53 هزار 905 گاڏيون پيٽرول تي هلي رهيون آهن.ڊيزل گاڏيون سڀ کان گهڻيون آهن، جن جو ڪل انگ لڳ ڀڳ 10 لک آهن، پر انهن جو وڪرو تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي.نارويين روڊ فيڊريشن (OFV) پاران جاري ڪيل بيان موجب، هي هڪ تاريخي لمحو آهي، هڪ سنگ ميل جيڪو 10 سالن کان به گهٽ عرصي ۾ حاصل ڪيو ويو آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته اليڪٽرڪ گاڏين جو وڪرو تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ ناروي دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي، جتي مسافر بردار گاڏين جو تمام گهڻو استعمال آهي.دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ناروي ڪچي تيل ۽ گيس جو وڏو پيداوار ملڪ آهي، پر اهو انهن گاڏين جي وڪري کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جيڪي هاڃيڪار گيس خارج ڪن ٿيون.آگسٽ 2024 ۾، ناروي ۾ رجسٽر ٿيل 94.3 سيڪڙو گاڏيون برقي هيون.