روهڙي ويجهو پرائمري اسڪول ۾ شاگرد پٽ تي تعليم پرائڻ لڳا
روهڙي ويجهو پرائمري اسڪول ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري شاگرد توڙي شاگردياڻيون وڻن هيٺان ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. ڳوٺ لال بخش منگي جي پرائمري اسڪول ۾ بجلي، پيئڻ جي پاڻي، واش روم سميت ڪنهن به قسم جي سهولت موجود ناهي. شاگردن دانهيندي ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت نه هجڻ ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب وڻ هيٺان پٽ تي ويهي تعليم پرائي رهيا آهيون. شاگردن وڌيڪ ٻڌايو ته تعليم کاتي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ، اسڪول جي عمارت زبون آهي، ڪنهن به وقت ڌماڪي سان ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته اسڪول ۾ چوديواري ڪري پئي آهي. شاگردن جي والدين تعليم کاتي کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.