پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ خواندگيءَ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ خواندگيءَ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي،ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا جي ڪروڙين اڻ پڙهيل ماڻهن کي تعليم جي اهميت کان روشناس ڪرائڻ آهي،پاڪستان ۾ انساني حقن جي تنظيمن، شرح خواندگي ۾ اضافي بابت ڪم ڪندڙ ادارن ۽ سماجي تنظيمن پاران تقريبون منعقد ڪرڻ جو سلسلو جاري، صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته قومن جو مقدر بدلائڻ ۾ تعليم ۽ خواندگي جو اهم ڪردار آهي، تعليم ۽ خواندگي اسانجي قوم جي مستقبل جو بنياد آهي، آئين جي آرٽيڪل 25 اَي مطابق هر انسان جو بنيادي حق آهي، اڄ اسان هر شهريءَ کي تعليم فراهم ڪرڻ جي عهد جي تجديد ڪريون ٿا، قومي تعليمي ايمرجنسي جو مقصد اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ ۽ 7 ڪروڙ بالغ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ آهي..............