ڄامشورو:قديمي ڳوٺن جو مک رستو بند ڪرڻ تان هڪ ڀيرو ٻيهر صدر آصف علي زرداري کي خط
ڄامشوري جي ڳوٺن جو مک رستو بند ڪرڻ تان ڳوٺاڻن هڪ ڀيرو ٻيهر صدر مملڪت آصف علي زرداري کي خط لکي لمس جي وي سي جي زيادتين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي . ڳوٺ مصري کوسو ۽ ڳوٺ يوسف کوسو عوامي اتحاد جي صدر پپن کوسو ۽ جنرل سيڪريٽري علي مردان جمالي پاران لکيل صدر مملڪت آصف علي زرداري کي لکيل خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ قديمي ڳوٺن مصري کوسو ۽ ڳوٺ يوسف کوسو جو مک رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري لمس ڪالوني ۾ موجود گرلز ۽ بوائز اسڪولن ۾ هنن ڳوٺن جا پڙهندڙ ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا آهن خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان اڳ به 9 آگسٽ تي اوهان کي خط لکي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا پاران قديمي ڳوٺن جو مک رستو بند ڪرڻ واري معاملي بابت آگاهه ڪيو ويو هو، جنهن جو هن وقت تائين جواب نه ملڻ تي هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان کي خط لکي آگاهي ڏئي رهيا آهيون. خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته لمس ڪالوني ۾ قائم اسڪولن ۾ پڙهندڙ لڳ ڀڳ 300 ٻار هن وقت تعليم ڇڏي چڪا آهن. خط ۾ لکيو ويو آهي ته 15 آگسٽ تي اسڪول کليا ته هنن ڳوٺن جا ڪجهه ٻار ڀت اورانگھي تعليم پرائڻ ويندا هئا، جتي پڻ 6 سيپٽمبر تي لمس يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ جي هدايتن تي ديوار مٿان شيشا ۽ ڪنڊيدار تارون لڳايون ويون آهن، جنهن ذريعي هتان جي ٻارڙن لاءِ تعليم جا دروازا هميشه لاءِ بند ڪيا ويا آهن. صدر کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ظاهر آهي ته لمس يونيورسٽي جو وائيس چانسلر تعليم دشمن آهي ۽ غريب ماڻهن جي ٻارڙن کي تعليم پرائڻ جو ڪو حق ناهي. خط ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو سان ملاقات، سندس ھدايت تي مختيار ڪار پاران رستي بابت تيار ڪيل رپورٽ، اسڪول لاءِ ڀت اورانگهيندڙ ٻارڙن جون تصويرون ۽ يونيورسٽي انتظاميا پاران 6 سيپٽمبر تي ڀت مٿان لڳايل شيشن ۽ خاردار تارن جون تصويرون پڻ شامل ڪيون ويون آهن . صدر مملڪت آصف علي زرداري کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت ۽ ان جي بيوروڪريٽن کي حڪم ڏنو وڃي ته قديمي ڳوٺن جو مک رستو کولرائين ته جيئن اسان جا ٻار تعليم پرائي سگهن .