تازه ترين
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه سان نيويارڪ پوليس جي وفد جي ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه سان نيويارڪ پوليس جي وفد جي ملاقات، وفد جي سربراهي پي اَي ايل ايس جي صدر احمد خليل ڪئي، وڏي وزير سان گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا موجود، نيويارڪ پوليس جي وفد جو چوڻ آهي ته نيويارڪ ۽ ڪراچي شهرن ۾ ڪافي هڪ جهڙائي آهي، اسان سنڌ پوليس ۽ آفيسرن کي ٽريننگ ڏئي سگهون ٿا، نيويارڪ پوليس وفد جي وڏي وزير کي آڇ، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته نيويارڪ پوليس وانگر هاڻي سنڌ پوليس ٽيڪنالوجي جي استعمال ڏانهن گامزن آهي، سنڌ حڪومت ڪرائيم تي ڪنٽرول لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي، خطي جي صورتحال سبب ڪراچي هدف رهيو آهي، اڄ ڪراچي پرامن شهر آهي، هاڻي صرف اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو آهي جنهن جو جلد خاتمو ڪيو ويندو ..........

خبرون