تازه ترين
سنڌ حڪومت اڻ رجسٽرڊ گاڏين جي مالڪن کي 10 مئي تائين گاڏين جي رجسٽريشن ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سنڌ حڪومت اڻ رجسٽرڊ گاڏين جي مالڪن کي 10 مئي تائين گاڏين جي رجسٽريشن ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، 10 مئي کانپوءِ اپلائيڊ فار رجسٽريشن گاڏيون ضبط ڪيون وينديون، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته اپلائيڊ فار رجسٽريشن گاڏيون رکندڙن کي گذارش آهي ته اُهي رجسٽريشن ڪرائين، 10 مئي کانپوءِ اڻ رجسٽرڊ گاڏيون روڊن تي نظر آيون، رجسٽرڊ گاڏين جي ٽيڪس ادا نه ڪئي وئي ته چالان ڪيون وينديون، اسان اسڪولن ۾ شاگردن جون ڊرگ ٽيسٽون ڪرائينداسين، شاگردن کان منشيات وڪرو ڪندڙن بابت پڇيو ويندو، منشيات فروشن جو پتو پوڻ تي سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، منشيات خلاف رڳو شهرن ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن نه پيا ڪريون سرحدن تي به ڪم ڪيو ويندو، ڪچي ۾ سنڌ پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي آهي، ڪچي ۾ چيڪ پوسٽون ٺهي رهيون آهن ۽ آپريشن هلي رهيو آهي...................

خبرون