تازه ترين
پاڪستاني ٽيم بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ ناڪام

پاڪستاني ٽيم بيٽنگ ۽ بالنگ ۾ ناڪام ،نيوزيلينڊ ٽِين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي 45 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي، ڪيوي ٽيم پنجن ميچن مان ٽي ميچز کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي ، ڪيوي ٽيم پاران ڏنل 225 رنز جو حدف پاڪستاني ٽيم حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، سموري ٽيم 179 رنز تي ڍير ٿي وئي ، صائم ايوب 10، محمد رضوان 24 ۽ فخرزمان 19 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا،بابراعظم 58، اعظم خان 10 ۽ افتخار احمد هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڪيوي اوپنر فن ايلن پاڪستاني بالرز کي ڌوئي ڇڏيو، رڳو 62 بالن ۾ 16 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جِي مدد سان 137 رنز ٺاهيون، حارث رئوف 2، شاهين شاھ آفريدي، زمان خان، محمد نواز ۽ محمد وسيم هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي..........

خبرون