تازه ترين
سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ خواندگيءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

* سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ خواندگيءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي،تعليم بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي تقريبن جو سلسلو جاري آهي. حيدرآباد جي علائقي جي او آر ڪالوني ۾ واقع گورنمينٽ ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ خواندگي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن شرڪت ڪئي. تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا. نوابشاهه ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران فيروز منصور ۽ عبدالفتاح سومري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. دادو ۾ سماجي تنظيم وليج شاد آباد ۽ تعليم کاتي پاران اڪبر لاشاري ۽ علي اڪبر پنهور جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي. ڊگهڙي ۾ انچارج اي ڊي او نورمحمد درس ۽ درمحمد جي اڳواڻي ۾ استادن ۽ شاگردن ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي. ماتلي ۾ استادن ۽ شاگردن پاران غلام حسين جت ۽ عدنان راجپوت جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ٺري مير واهه ۾ مين بوائز پرائمري اسڪول کان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شاگردن، استادن، سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته تعليم کانسواءِ ملڪ جي ترقي ناممڪن آهن. هنن چيو ته شهري ۽ ڳوٺاڻا ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائين. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته معاشري جي سڀني ڌرين کي تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي...........

خبرون