تازه ترين
سنڌ ۾ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان ڪاپي جي ڌم سان جاري رهيا

*سنڌ ۾ يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان ڪاپي جي ڌم سان جاري رهيا، مختلف سينٽرز تي پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ آئوٽ ٿي ويا، جڏهن ته قلم 144 لڳو هئڻ باوجود فوٽو اسٽيٽ مشينن جا دڪان به کليل رهيا. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ يارهين ۽ ٻارهين جي ڪلاس جا ساليانا امتحان ورتا ويا. ميرپورخاص ۾ يارهين جماعت جي فزڪس جو پيپر مبينا طور وقت کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، استاد ۽ پوليس اهلڪار شاگردن کي ڪاپي ڪرائيندي ڏٺا ويا. پڊعيدن ۾ يارهين ڪلاس جي مئٿ جو پيپر وقت کان پهريان آئوٽ ٿيو، جڏهن ته انتظاميا شاگردن کي ڪاپي ڪرڻ کان نه روڪرائي سگهي. شڪارپور ۾ يارهين ڪلاس جي انگريزي جي پيپر ۾ ڪاپي جي ڌم متل رهي، واٽس اپ تي شاگرد پرچو حل ڪندا رهيا. مدئجي ۾ انگريزي جو پيپر ورتو ويو، جڏهن ته انتظاميا جي نااهلي سبب ڪاپي جي ڌم متل رهي، استادن ۽ پوليس اهلڪارن شاگردن کي ڪاپي ڪرائي. وڳڻ ۾ به انگريزي جو پيپر ورتو ويو، جتي شاگرد ڪاپي ڪندا رهيا.......

خبرون