Tue Aug 22 2017
تازا ترين:  
* * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور پهچي ويو * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف سان ملاقات ڪندو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت ۾ جاري * قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن وارو بل منظور ڪري ورتو * مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد جو ايوان ۾ خطاب * قومي اسيمبلي ۾ ڪورم ڏسي شرم اچي رهيو آهي: خورشيد شاهه * اسپيڪر صاحب اوهان جي ڳالهه ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي: خورشيد شاهه * پارليامينٽ ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي :خورشيد شاهه * ايوان ۾ ڪير به اچڻ لاءِ تيار ناهي، 342جي ايوان ۾ صرف 50 ميمبر موجود آهن: خورشيد شاهه * حڪومت ميمبرن جو اسيمبلي ۾ رويو برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، ٻڌايو وڃي ته هن وقت ڪهڙو وزير ايوان ۾ موجود آهي: خورشيد شاهه * جڏهن ڪنهن وزير ۾ ڪم پوي ٿو ته ڪير به نٿو ملي، وزيرن کان دير سان اچڻ تي اسڪول وانگر ڪرسي تي بيهاريو وڃي، اسيمبلي ۾ روزانو ايندڙ ميمبر عظيم آهي: خورشيد شاهه * ماڻهو ڪراچي ۽ بلوچستان کان اچن پر انهن جو ڪم نٿو ٿئي:خورشيد شاهه * پارليامينٽ ڀريل هجي ته ڪير به اک کڻي نٿو نهاري سگهي، ڪنهن تي تنقيد نه پر ساٿين جو آواز اٿاري رهيو آهيان:خورشيد شاهه * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ ڪوئلا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * جوابدار پ پ ايم پي اي فقير داد کوسو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش * نيب پاران شاهد آفتاب احمد کوکر جو بيان قلمبند ڪيو ويو * ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي وڪيل شاهدن جي بيان تي جرح ڪندو * جوابدارن تي بجلي گهرن لاءِ ڪڍيل ڪوئلو وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي * جوابدارن قومي خزاني کي اڍاِئي ارب جو نقصان پهچايو: نيب * ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪرپشن جي ٻن ريفرنس جي ٻڌڻي * ڊاڪٽر عاصم اڄ احتساب عدالت ۾پيش نه ٿيندو * عاصم جو وڪيل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي * ڊاڪٽر عاصم جو طبي معائنو ٿيڻو آهي، ان لاءِ پيش نه ٿيندو: درخواست * عدالت ڊاڪٽر عاصم جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي * ريفرنس جي ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي * ڪراچي: سنڌ ۾ نيب آرڊيننس جي خاتمي وارو معاملو * سنڌ حڪومت عدالتي حڪم تي نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي * ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، عدالت ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪرائي * آرٽيڪل 69 ۽ 127 پارلياماني ڪارروائي کي تحفظ فراهم ڪري ٿي * عدالت سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي طلب نٿي ڪري سگهي:درخواست ۾ موقف * اسلام آباد: وزيراعظم سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ملاقات * ملاقات وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي: پي ايم هائوس ترجمان * ملاقات ۾پاڪ فوج جي پيشيواراڻي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون * واشنگٽن: آمريڪي صدر افغانستان ۽ پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا بابت نئين آمريڪي پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو * پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن تي خاموش نه ويهنداسين: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ * اربين ڊالر ڏيڻ باوجود پاڪستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي، افغانستان ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ سان پاڪستان کي فائدو ۽ ٻي صورت ۾ نقصان ٿيندو: ڊونلڊ ٽرمپ *اسان جي نيئن پاليسي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان کي خاص اهميت حاصل آهي، سفارتي، سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي کي گڏ ڪري قدم کڻنداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * اسان انهن تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪنداسين جيڪو دهشتگردي کي هٿي ڏيندو: آمريڪي صدر * آمريڪي قوم گذريل 16 سالن کان جنگين سبب پريشان آهي، آمريڪي عوام جيان مون کي افغان جنگ ۾ ڊگهي ٿيڻ تي مايوسي ٿي آهي: ڊونلڊ ٽرمپ * عراق جيان افغانستان مان نڪري وڃڻ واري غلطي کي ٻيهر نه ورجائينداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * ڪراچي: وڏي وزير جي صلاحڪار غلام مرتضيٰ بلوچ جو پٽ مبينا طور اغوا * صوبائي وزير جو پٽ گڏاپ مان اغوا ٿيو: ايس ايس پي ملير * اغوا جو واقعو برسات دوران پيش آيو: ايس ايس پي ملير * رياض: سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، 31 آگسٽ خميس ڏهاڙي حج پڙهيو ويندو، پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو * ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات * گڏاپ، گلزار هجري، ڪورنگي، صدر، ايم اي جناح روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ وارن علائقن ۾ برسات * ڊيرا مراد جمالي:ڳوٺ ڪٽه ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، موٽر سائيڪل سوار محمد نواز فوت * ڪڪڙ:ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو * سوڀوديرو: ڳوٺ سليمان ڀاڳت ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ذوالفقار ڀاڳت فوت * ٽنڊوڄام: ڳوٺ حيدر شاهه آبڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان 16 ورهين جي رامو ڪولهي وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت نئين مالي سال 2016 – 17ع لاءِ 44 کرب، 54 ارب رپين تي ٻڌل بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

وفاقي حڪومت نئين مالي سال 2016 – 17ع لاءِ 44 کرب، 54 ارب رپين تي ٻڌل بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

وفاقي حڪومت نئين مالي سال 2016 – 17ع لاءِ 44 کرب، 54 ارب رپين تي ٻڌل بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، سرڪاري ملازمن جي پگهار، پينشن ۽ ايڊهاڪ رليف ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ هڪ سئو 15 ارب رپيا رکيا ويا، في ڪٽنب کي هاڻي ماهوار 18 هزار رپيا ملندا، زرعي شعبي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڀاڻ ۽ زرعي ٽيوب ويلز لاءِ بجلي جا اگهه به گهٽايا ويا،دفاعي بجيٽ 860 ارب رپين تي ٻڌل هوندي،،، بجيٽ تقرير ڪندي اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائي ڇڏيو آهي،پاڪستان جو ڏيوالو نه نڪرندو ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير ڪندي ٻڌايو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن، پينشن ۽ ايڊهاڪ الائونس ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 13 مان وڌائي 14 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي اسسٽنٽ جي پوسٽ جو گريڊ 14 مان وڌائي 16 ڪيو ويو، ايل ڊي سي جو گريڊ به 7 مان وڌيڪ 9 ڪيو ويو سگريٽ تي سيلز ٽيڪس ۾ واڌ ڪندي سيمينٽ تي هڪ رپيو في ڪلو ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي،درآمدي ڪپڙن تي لاڳو ٽيڪس 2 سيڪڙو گهٽائيندي سنڌ جي تجويز تي ڊمپرز تي لاڳو ٽيڪس مڪمل طور ختم ڪئي وئي آهي اسحاق ڊار ٻڌايو ته صحت ۽ رليف وارن شعبن لاءِ 22 ارب رپيا رکيا ويا آهن،پاڻي منصوبن تي 132 ارب رپيا ۽ انفرااسٽرڪچر جي ترقي لاءِ 467 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. اسحاق ڊار موجب، مالي خسارو گهٽائي 4 ڏهائي 3 سيڪڙو تي آندو پيو وڃي،ٽيڪس ۾ جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي،جڏهن ته وياج شرح 40 ورهين جي سڀ کان گهٽ سطح تي آئي آهي اسحاق ڊار موجب، توانائي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، مارچ 2018ع تائين 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم شامل ڪئي ويندي،توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ 380 ارب رپين جي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي،جڏهن ته ٻهراڙي وارن علائقن کي ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ 4 نوان منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ 11 ارب 94 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا بجيٽ تقرير موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 115 ارب رپيا رکڻ ۽ في ڪٽنب کي 18 هزار رپيا ماهوار ڏنا ويندا،برآمدي واپار ۾ واڌ لاءِ 6 ارب رپيا رکيا ويندا زرعي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀاڻ جي ٻوريءَ ۽ زرعي ٽيوب ويلز لاءِ بجليءَ جي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، جيت مار دوائن تان جي ايس ٽي ختم ڪئي وئي، جڏهن ته زرعي قرضن ۾ واڌ ۽ چوپائي مال،پولٽري جي درآمد ۽ مڇين جي فيڊ تي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 5 کان 2 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي بجيٽ تقرير موجب دفاعي بجيٽ ۾ 11 سيڪڙو واڌ ڪندي بچاءَ لاءِ 860 ارب رپيا رکيا ويا آهن اسحاق ڊار ٻڌايو ته ملڪي ناڻي جا ذخيرا 21 ارب 60 ڪروڙ ڊالرز جي رڪارڊ سطح تي پهتا آهن،برآمدي واپار 32 ڏهائي 7 ارب ڊالرز رهيو،ملڪي قريضن کي 60 سيڪڙو تائين آندو ويو آهي،جيڪو ايندڙ 15 ورهين تائين 50 سيڪڙو تائين پهچي ويندو ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ سال ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 3 هزار 6 سئو 61 ارب رپيا رکيو ويو آهي،نان ٽيڪس روينيو جو هدف 960 ارب رپيا هوندو،سبسڊي لاءِ 140 ارب رپيا رکيا ويا آهن صنعتي يونٽس تي ڊيوٽي 5 مان گهٽائي 3 سيڪڙو ڪئي وئي،ليپ ٽاپ ۽ ڊيسڪ ٽاپ تان جي ايس ٽي ختم ڪئي وئي،پرنٽ ميڊيا تي ٽيڪس هڪ مان وڌائي ڏيڍ سيڪڙو ڪندي پرڏيهه ۾ ٺهندڙ اشتهارن تي ٽيڪس مڙهي وئي آهي. اسحاق ڊار پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ ن ليگ سرڪار جي پاليسين کي مضبوط قرار ڏيندي چيو ته سندن هر بجيٽ جي ڪارڪردگي ماضيءَ کان بهتر آهي،ڪپهه جو فصل متاثر نه ٿئي ها ته ڪارڪردگي اڃا وڌيڪ بهتر هجي ها تقرير دوران اسحاق ڊار ڪيترائي ڀيرا ميمبرن کي تاڙيون وڃائڻ تي زور ڀريو ۽ شاهه محمود قريشي کي خاص طور مخاطب ٿيندي تاڙيون وڃائڻ لاءِ پڻ چيو................     (تاريخ: جمعو 03 جون 2016 ٽائيم: 21:42 )


Design & Developed by Aftab Tunio