Tue Aug 22 2017
تازا ترين:  
* * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور پهچي ويو * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف سان ملاقات ڪندو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت ۾ جاري * قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن وارو بل منظور ڪري ورتو * مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد جو ايوان ۾ خطاب * قومي اسيمبلي ۾ ڪورم ڏسي شرم اچي رهيو آهي: خورشيد شاهه * اسپيڪر صاحب اوهان جي ڳالهه ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي: خورشيد شاهه * پارليامينٽ ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي :خورشيد شاهه * ايوان ۾ ڪير به اچڻ لاءِ تيار ناهي، 342جي ايوان ۾ صرف 50 ميمبر موجود آهن: خورشيد شاهه * حڪومت ميمبرن جو اسيمبلي ۾ رويو برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، ٻڌايو وڃي ته هن وقت ڪهڙو وزير ايوان ۾ موجود آهي: خورشيد شاهه * جڏهن ڪنهن وزير ۾ ڪم پوي ٿو ته ڪير به نٿو ملي، وزيرن کان دير سان اچڻ تي اسڪول وانگر ڪرسي تي بيهاريو وڃي، اسيمبلي ۾ روزانو ايندڙ ميمبر عظيم آهي: خورشيد شاهه * ماڻهو ڪراچي ۽ بلوچستان کان اچن پر انهن جو ڪم نٿو ٿئي:خورشيد شاهه * پارليامينٽ ڀريل هجي ته ڪير به اک کڻي نٿو نهاري سگهي، ڪنهن تي تنقيد نه پر ساٿين جو آواز اٿاري رهيو آهيان:خورشيد شاهه * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ ڪوئلا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * جوابدار پ پ ايم پي اي فقير داد کوسو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش * نيب پاران شاهد آفتاب احمد کوکر جو بيان قلمبند ڪيو ويو * ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي وڪيل شاهدن جي بيان تي جرح ڪندو * جوابدارن تي بجلي گهرن لاءِ ڪڍيل ڪوئلو وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي * جوابدارن قومي خزاني کي اڍاِئي ارب جو نقصان پهچايو: نيب * ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪرپشن جي ٻن ريفرنس جي ٻڌڻي * ڊاڪٽر عاصم اڄ احتساب عدالت ۾پيش نه ٿيندو * عاصم جو وڪيل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي * ڊاڪٽر عاصم جو طبي معائنو ٿيڻو آهي، ان لاءِ پيش نه ٿيندو: درخواست * عدالت ڊاڪٽر عاصم جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي * ريفرنس جي ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي * ڪراچي: سنڌ ۾ نيب آرڊيننس جي خاتمي وارو معاملو * سنڌ حڪومت عدالتي حڪم تي نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي * ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، عدالت ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪرائي * آرٽيڪل 69 ۽ 127 پارلياماني ڪارروائي کي تحفظ فراهم ڪري ٿي * عدالت سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي طلب نٿي ڪري سگهي:درخواست ۾ موقف * اسلام آباد: وزيراعظم سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ملاقات * ملاقات وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي: پي ايم هائوس ترجمان * ملاقات ۾پاڪ فوج جي پيشيواراڻي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون * واشنگٽن: آمريڪي صدر افغانستان ۽ پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا بابت نئين آمريڪي پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو * پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن تي خاموش نه ويهنداسين: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ * اربين ڊالر ڏيڻ باوجود پاڪستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي، افغانستان ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ سان پاڪستان کي فائدو ۽ ٻي صورت ۾ نقصان ٿيندو: ڊونلڊ ٽرمپ *اسان جي نيئن پاليسي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان کي خاص اهميت حاصل آهي، سفارتي، سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي کي گڏ ڪري قدم کڻنداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * اسان انهن تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪنداسين جيڪو دهشتگردي کي هٿي ڏيندو: آمريڪي صدر * آمريڪي قوم گذريل 16 سالن کان جنگين سبب پريشان آهي، آمريڪي عوام جيان مون کي افغان جنگ ۾ ڊگهي ٿيڻ تي مايوسي ٿي آهي: ڊونلڊ ٽرمپ * عراق جيان افغانستان مان نڪري وڃڻ واري غلطي کي ٻيهر نه ورجائينداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * ڪراچي: وڏي وزير جي صلاحڪار غلام مرتضيٰ بلوچ جو پٽ مبينا طور اغوا * صوبائي وزير جو پٽ گڏاپ مان اغوا ٿيو: ايس ايس پي ملير * اغوا جو واقعو برسات دوران پيش آيو: ايس ايس پي ملير * رياض: سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، 31 آگسٽ خميس ڏهاڙي حج پڙهيو ويندو، پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو * ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات * گڏاپ، گلزار هجري، ڪورنگي، صدر، ايم اي جناح روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ وارن علائقن ۾ برسات * ڊيرا مراد جمالي:ڳوٺ ڪٽه ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، موٽر سائيڪل سوار محمد نواز فوت * ڪڪڙ:ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو * سوڀوديرو: ڳوٺ سليمان ڀاڳت ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ذوالفقار ڀاڳت فوت * ٽنڊوڄام: ڳوٺ حيدر شاهه آبڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان 16 ورهين جي رامو ڪولهي وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

سعودي بادشاهه شاهه عبدالله بن عبدالعزيز مٽي ماءُ حوالي، جنازي نماز ۾ وزيراعظم نواز شريف سميت مختلف اسلامي ملڪن جي نمائندن ۽ اعليٰ عملدارن جي شرڪت

سعودي بادشاهه شاهه عبدالله بن عبدالعزيز مٽي ماءُ حوالي، جنازي نماز ۾ وزيراعظم نواز شريف سميت مختلف اسلامي ملڪن جي نمائندن ۽ اعليٰ عملدارن جي شرڪت

سعودي عرب جي فرمانروا شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جو مڙهه رياض جي تاريخي العود قبرستان ۾ دفنايو ويو، جنازي نماز ۾ وزيراعظم نواز شريف سميت مختلف اسلامي ملڪن جي نمائندن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ سرڪاري طور سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. سعودي عرب جي بادشاهه شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي جنازي نماز گاديءَ واري شهر رياض جي جامع مسجد پرنس ترڪي بن عبدالعزيز ۾ ادا ڪئي وئي،جنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ مختلف مسلمان ملڪن جي نمائندن توڙي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد شاهه عبدالله جو مڙهه تاريخي قبرستان العود ۾ مڪمل سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سعودي بادشاهه شاهه عبدالله کي گذريل سال ڊسمبر مهيني ۾ ڦڦڙن جي انفيڪشن سبب رياض جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو،جتي ڪيترن ئي هفتن کان کان هٿرادو نموني ساهه کڻايو پئي ويو، پر جمعي جي رات هڪ وڳي ڌاري هن دم ڌڻي حوالي ڪيو شاهه عبدالله جي لاڏاڻي تي اسلامي دنيا ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي ۽ مختلف ملڪن جي سربراهن تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي وزيراعظم نواز شريف، شاهه عبدالله جي لاڏاڻي تي هڪ ڏينهن سرڪاري سوڳ جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ بهترين دوست کان محروم ٿي ويو، ڏک جي گهڙين ۾ پاڪستاني قوم سعودي عوام ۽ شاهي ڪٽنب سان گڏ آهي صدر ممنون حسين، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ۽ ٻين پڻ شاهه عبدالله جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو سعودي فرمانروا جي لاڏاڻي تي آمريڪي صدر براڪ اوباما سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سربراهن به ڏک جو اظهار ڪيو،جڏهن ته اردن جي حڪومت 4 ۽ فلسطيني حڪومت 3 ڏينهن سرڪاري طور سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو آهي..     (تاريخ: جمعو 23 جنوري 2015 ٽائيم: 20:17 )


Design & Developed by Aftab Tunio