Fri Aug 18 2017
تازا ترين:  
* *لاهور: اين اي 120 تي ڪاغذن جي ڇنڊڻ وارو عمل جاري * اليڪش ڪميشن پي ٽي آءِ جي اميدوار ياسمين راشد جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا * ڪلثوم نواز کي قانون جي پاسداري ڪرڻي پوندي: ياسمين راشد * ن ليگ جي ڪلثوم نواز تي 25اعتراض لڳايا آهن: ياسمين راشد * ڪلثوم نواز نامزدگي ڪاغذن ۾ حقيقتن کي لڪايوآهي:ياسمين راشد * نواز شريف جيان ڪلثوم نواز به ملڪيتون ظاهر ناهن ڪيون:ياسمين راشد * ڪلثوم نواز جا نامزدگي ڪاعذ رد ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي:ياسمين راشد * اميد ته 17 سيپٽمبر تي تحريڪ انصاف ڪامياب ٿيندي:ياسمين راشد * اسلام آباد: پاڪستان ڊولپمينٽ ڪانفرنس ۽ ايڪسپو جو افتتاح * وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو تقريب کي خطاب * ستر سالن دوران ڪيترائي اهم ملڪ پٺتي تي هئا، جيڪي اسان کان اڳتي نڪري ويا: احسن اقبال * افغانستان به اسان کي پوئتي ڇڏڻ جي تياري ڪري رهيو آهي :احسن اقبال * پاڪستان جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ سوچ کي مثبت رکڻو پوندو * نوي جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جي شرح بلند ترين هئي: وفاقي گهرو وزير * جمهوريت جو تسلسل نه هجڻ تي ملڪ ترقي ڪري نه سگهيو، ٻن ٻن سالن دوران حڪومتون ختم ڪيون ويون: احسن اقبال * 90 جي ڏهاڪي کي غير مستحڪم ڪيو ويو: احسن اقبال * 1960بعد جاپان کان پوءِ پاڪستان کي اڀرندڙ معيشت چيو ويو * اسلام آباد: سرتاج عزيز جو قومي ترقي بابت ڪانفرنس کي خطاب * اڳتي وڌڻ لاءِ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو: سرتاج عزيز * پاڪستان جو ترقياتي سفر دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي: سرتاج عزيز * پاڪستان ستر سالن کان موسمي اثرن کي منهن ڏنو ، ملڪ قدرتي آفتن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏنو: سرتاج عزيز * لاهور: اين اي 120 جي نامزد اميدوار بيگم ڪلثوم نواز لنڊن رواني * ڪلثوم نواز کي اڄ رٽرننگ آفيسر آڏو پيش ٿيڻو هو * بيگم ڪلثوم نواز پي ڪي 757 ذريعي لنڊن رواني ٿي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ 30 هزار جعلي ڀرتين واري ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو * تعليم کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق سميت سمورا آفيسر آجا قرار * تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين بابت جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي: وڌيڪ ضرورت ناهي: نيب * جعلي ڀرتين بابت شڪايتن ۾ سرڪاري آفيس استعمال نٿي نه ئي وري سرڪاري خزاني کي نقصان پهتو: نيب * سرگوڌا: هوائي فوج جو جهاز ڪري تباهه: ترجمان هوائي فوج * ايف سيون پي جي جهاز تربيتي اڏام تي هو سوگوڌا ويجهو ڪري تباهه ٿيو: هوائي فوج جو ترجمان * حادثي ۾ هڪ پائليٽ زخمي ٿيو پيو، ٻيو محفوظ رهيو: ترجمان هوائي فوج * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي * اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي درخواستن تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي * جوابدارن پاران اينٽي ڪرپشن جي ڪيل جاچ کان اڻڄاڻائي ظاهر * اسڪيم 33 جي قيمتي زمين جو معاملو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ * عدالت اينٽي ڪرپشن کان 3 آڪٽوبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي * جوابدارن خلاف ريفرنس تيار آهي،لاڳاپيل عدالت ۾ داخل ڪنداسين:نيب * مورو: باءِ پاس وٽ مزدا جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، اصغر کوسو فوت * اڏيرو لال: پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي، پوليس ڪڙو چاڙهي ڇڏيو *غوثپور:انڊس هاءِ وي تي هٿيارن جي زور تي ٽرڪ ڊرائيور ذوالفقار اغوا * هٿيار بندن ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ کي، روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نه بيهڻ تي فائرنگ * گوليون لڳڻ سبب ڪوچ ڊرائيورمحمد سليم سخت زخمي،اسپتال منتقل

نااهلي جي فيصلي سان پاڪستان جي بدنامي ۽ تذليل ٿي رهي آهيي:اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف

نااهلي جي فيصلي سان پاڪستان جي بدنامي ۽ تذليل ٿي رهي آهيي:اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيوآهي ته سندس نااهلي جي فيصلي سان پاڪستان جي بدنامي ۽ تذليل ٿي رهي آهي، ڪجهه ماڻهو پاڪستان جا وارث نٿا ٿي سگهن، نااهلي کانپوءِ نواز شريف جو اسلام آباد کان لاهور لاءِ نڪتل قافلو مختلف هنڌن کان ٿيندي مريدڪي پهتو مريدڪي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته سندس نااهلي جي فيصلي سان پاڪستان جي بدنامي ۽ تذليل ٿي رهي آهي ڪجهه ماڻهو پاڪستان جا وارث نٿا ٿي سگهن ملڪ جو حقيقي وارث عوام آهي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪرپشن ڪئي هجي ته ڪن کان پڪڙي ٻاهر ڪڍيو وڃي، کيس عوام اسلام آباد موڪليو ۽ ٻين ٻاهر ڪڍي ڇڏيو،نواز شريف جي خلاف سرڪاري ناڻي ۾ ڪرپشن يا ڪو ٻيو ڪيس ناهي نواز شريف چيو ته کيس ان ڪري ڪڍيو ويو جو هن پنهنجي پــُٽ جي ڪمپني مان پگهار نه ورتي،ڇا پيءُ به ڪڏهن پنهنجي پــُٽ کان پگهار وٺندو آهي؟ جي وٺي به ته ڇاهي،ان ڳالهه جي ڪري وزيراعظم کي ڪڍي ڇڏڻ درست آهي؟ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ملڪ کي بدلائڻو آهي ڇا عوام جي ووٽ جي ڪا اهميت ناهي جو ڪير به اچي انهن جي پرچي کي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي،ڇا عوام کي اها توهين منظور آهي؟ نواز شريف چيو ته 70 سالن کان پاڪستان سان مذاق تي رهي آهي ڇا اهڙو ڪو ٻيو ملڪ آهي جتي اهڙي مذاق ٿيندي هجي،سندس چوڻ هو ته عوام جي ووٽ جو احترام هــُـو ڪرائيندو، عوام انقلاب لاءِ تيار رهي نواز شريف چيو ته عوام جي وزيراعظم کي ذليل ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو ڇا اهو پاڪستان کي منظور آهي، ٻڌايو ڇا ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ گهرجي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته هــُـو فيصلو ڪري نڪتو آهي،فيصلو ڪرڻو آهي ته هي 20 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهي يا چند ماڻهن جي جاگير آهي،20 ڪروڙ عوام کي انهن جي حقن کان محروم نه ٿو رکي سگهجي. ان کان اڳ گوجرانوالا مان روانگي کان پهريان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن سان مشاورتي اجلاس ٿي گذريو     (تاريخ: ڇنڇر 12 آگسٽ 2017 ٽائيم: 22:17 )


Design & Developed by Aftab Tunio