Fri Aug 18 2017
تازا ترين:  
* *لاهور: اين اي 120 تي ڪاغذن جي ڇنڊڻ وارو عمل جاري * اليڪش ڪميشن پي ٽي آءِ جي اميدوار ياسمين راشد جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا * ڪلثوم نواز کي قانون جي پاسداري ڪرڻي پوندي: ياسمين راشد * ن ليگ جي ڪلثوم نواز تي 25اعتراض لڳايا آهن: ياسمين راشد * ڪلثوم نواز نامزدگي ڪاغذن ۾ حقيقتن کي لڪايوآهي:ياسمين راشد * نواز شريف جيان ڪلثوم نواز به ملڪيتون ظاهر ناهن ڪيون:ياسمين راشد * ڪلثوم نواز جا نامزدگي ڪاعذ رد ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي:ياسمين راشد * اميد ته 17 سيپٽمبر تي تحريڪ انصاف ڪامياب ٿيندي:ياسمين راشد * اسلام آباد: پاڪستان ڊولپمينٽ ڪانفرنس ۽ ايڪسپو جو افتتاح * وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو تقريب کي خطاب * ستر سالن دوران ڪيترائي اهم ملڪ پٺتي تي هئا، جيڪي اسان کان اڳتي نڪري ويا: احسن اقبال * افغانستان به اسان کي پوئتي ڇڏڻ جي تياري ڪري رهيو آهي :احسن اقبال * پاڪستان جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ سوچ کي مثبت رکڻو پوندو * نوي جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جي شرح بلند ترين هئي: وفاقي گهرو وزير * جمهوريت جو تسلسل نه هجڻ تي ملڪ ترقي ڪري نه سگهيو، ٻن ٻن سالن دوران حڪومتون ختم ڪيون ويون: احسن اقبال * 90 جي ڏهاڪي کي غير مستحڪم ڪيو ويو: احسن اقبال * 1960بعد جاپان کان پوءِ پاڪستان کي اڀرندڙ معيشت چيو ويو * اسلام آباد: سرتاج عزيز جو قومي ترقي بابت ڪانفرنس کي خطاب * اڳتي وڌڻ لاءِ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو: سرتاج عزيز * پاڪستان جو ترقياتي سفر دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي: سرتاج عزيز * پاڪستان ستر سالن کان موسمي اثرن کي منهن ڏنو ، ملڪ قدرتي آفتن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏنو: سرتاج عزيز * لاهور: اين اي 120 جي نامزد اميدوار بيگم ڪلثوم نواز لنڊن رواني * ڪلثوم نواز کي اڄ رٽرننگ آفيسر آڏو پيش ٿيڻو هو * بيگم ڪلثوم نواز پي ڪي 757 ذريعي لنڊن رواني ٿي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ 30 هزار جعلي ڀرتين واري ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو * تعليم کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق سميت سمورا آفيسر آجا قرار * تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين بابت جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي: وڌيڪ ضرورت ناهي: نيب * جعلي ڀرتين بابت شڪايتن ۾ سرڪاري آفيس استعمال نٿي نه ئي وري سرڪاري خزاني کي نقصان پهتو: نيب * سرگوڌا: هوائي فوج جو جهاز ڪري تباهه: ترجمان هوائي فوج * ايف سيون پي جي جهاز تربيتي اڏام تي هو سوگوڌا ويجهو ڪري تباهه ٿيو: هوائي فوج جو ترجمان * حادثي ۾ هڪ پائليٽ زخمي ٿيو پيو، ٻيو محفوظ رهيو: ترجمان هوائي فوج * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي * اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي درخواستن تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي * جوابدارن پاران اينٽي ڪرپشن جي ڪيل جاچ کان اڻڄاڻائي ظاهر * اسڪيم 33 جي قيمتي زمين جو معاملو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ * عدالت اينٽي ڪرپشن کان 3 آڪٽوبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي * جوابدارن خلاف ريفرنس تيار آهي،لاڳاپيل عدالت ۾ داخل ڪنداسين:نيب * مورو: باءِ پاس وٽ مزدا جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، اصغر کوسو فوت * اڏيرو لال: پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي، پوليس ڪڙو چاڙهي ڇڏيو *غوثپور:انڊس هاءِ وي تي هٿيارن جي زور تي ٽرڪ ڊرائيور ذوالفقار اغوا * هٿيار بندن ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ کي، روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نه بيهڻ تي فائرنگ * گوليون لڳڻ سبب ڪوچ ڊرائيورمحمد سليم سخت زخمي،اسپتال منتقل

اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف جو اسلام آباد کان لاهور لاءِ قافلو روان دوان

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو اسلام آباد کان لاهور لاءِ قافلو روان دوان

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو اسلام آباد کان لاهور لاءِ قافلو روان دوان، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف کي ڀاڪر پائي الوداع ڪيو. نواز شريف جي پنجاب هائوس کان رواني ٿيڻ جو وقت صبح 10 وڳي مقرر ٿيل هو پر پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ۽ مشاورت سبب هو ساڍي 11 هين وڳي روانو ٿيو. اڳوڻي وزيراعظم جي رواني ٿيڻ وقت ڪارن ٻڪرن جو صدقو پڻ ڏنو ويو، خواجا سعد رفيق ۽ سينيٽر پرويز رشيد نواز شريف سان گڏ گاڏي ۾ موجود آهن. نواز شريف ججز ڪالوني واري پاسي کان روانو ٿيو، ان موقعي تي مري روڊ وٽ سمورا پيٽرول پمپ بند ۽ رستا مڪمل طور بند ڪرايا ويا. ڪارڪنن جو وڏو انگ پارٽي جا جهنڊا کڻي قافلي سان گڏ گڏ هلي رهيا آهن جڏهن ته نواز شريف ڊي چوڪ تي خطاب ڪرڻ کانسواءِ جناح اوينيو پهچي ويو. مسلم ليگ نون جي ريلي لاءِ خصوصي طور تيار ڪيل وين ميان نواز شريف جي قافلي سان گڏ آهي، وين تي اسپيڪر ۽ سائونڊ سسٽم به لڳايو ويو آهي جڏهن ته ان جي مٿان نواز شريف ۽ مريم نواز جا پوسٽر لڳل آهن. خصوصي وين اڳوڻي وزيراعظم جي قافلي سان گڏ لاهور ويندي ان کان علاوا اسپيڪر ۽ سائونڊ سسٽم سان گڏ 8 خاص گاڏيون به تيار ڪيون ويون آهن. سمورن شهرن ۾ نواز شريف جي ريلي جي آجيان حڪمران جماعت جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڪندا، ريلي جي رستن تي آجياڻيون ڪئمپون لڳايون ويون آهن جٿي پاڻي ۽ کاڌي جو بندوبست به ٿيل آهي. ريلي ڪامونڪي، مريدڪي ۽ شاهدرا کان ٿيندي لاهور ۾ داخل ٿيندي، سوهاوا، دينه، جهلم، سرائي عالمگير، کارياناور، لالا موسيٰ وٽان به گذرندي. ذريعن موجب ميان نواز شريف راوت بازار، گجر خان، جهلم، لالاموسيٰ، گجرات ۽ وزيرآباد ۾ عوام کي خطاب پڻ ڪندو. اڳوڻي وزيراعظم کي بلٽ پروف گاڏي ۾ لاهور آندو ويندو ۽ سڪيورٽي ڪليئرنس کانپوءِ کيس گاڏي مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هوندي. صوبائي گهرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ريلي جي رستي ۾ ايندڙ سمورا بازار بند رکيا ويندا ۽ پوليس جا هٿياربند اهلڪار ۽ نشاني باز ڇتن تي مقرر هوندا. راولپنڊي ۾ پوليس ريلي جي رستي ۾ ايندڙ گهرن ۽ دڪانن جي مالڪن کان حلف ناما وصول ڪيا آهن. حلف نامن موجب ڪوبه پنهنجي گهرن يا دڪانن کي قانون جي ابتڙ استعمال نه ڪندو، ڇتن تان ڪنهنکي شرارت ڪرڻ نه ڏني ويندي ۽ ريلي جي رستي تي شڪي ماڻهن جي نشاندهي ڪئي ويندي. ذريعن موجب ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ جي ٽي روڊ تي قائم تحريڪ انصاف جون آفيسون بند رکيون وينديون ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کان ريلي جي رستي ۾ ڪنهن به قسم جي گڙٻڙ نه ڪرڻ جي خاطري ورتي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي 72 ڪلاڪن اندر اسلام آباد کان لاهور پهچايو ويندو.     (تاريخ: اربع 09 آگسٽ 2017 ٽائيم: 13:57 )


Design & Developed by Aftab Tunio