Fri Aug 18 2017
تازا ترين:  
* *لاهور: اين اي 120 تي ڪاغذن جي ڇنڊڻ وارو عمل جاري * اليڪش ڪميشن پي ٽي آءِ جي اميدوار ياسمين راشد جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا * ڪلثوم نواز کي قانون جي پاسداري ڪرڻي پوندي: ياسمين راشد * ن ليگ جي ڪلثوم نواز تي 25اعتراض لڳايا آهن: ياسمين راشد * ڪلثوم نواز نامزدگي ڪاغذن ۾ حقيقتن کي لڪايوآهي:ياسمين راشد * نواز شريف جيان ڪلثوم نواز به ملڪيتون ظاهر ناهن ڪيون:ياسمين راشد * ڪلثوم نواز جا نامزدگي ڪاعذ رد ڪرڻ جي گذارش ڪئي آهي:ياسمين راشد * اميد ته 17 سيپٽمبر تي تحريڪ انصاف ڪامياب ٿيندي:ياسمين راشد * اسلام آباد: پاڪستان ڊولپمينٽ ڪانفرنس ۽ ايڪسپو جو افتتاح * وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو تقريب کي خطاب * ستر سالن دوران ڪيترائي اهم ملڪ پٺتي تي هئا، جيڪي اسان کان اڳتي نڪري ويا: احسن اقبال * افغانستان به اسان کي پوئتي ڇڏڻ جي تياري ڪري رهيو آهي :احسن اقبال * پاڪستان جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ سوچ کي مثبت رکڻو پوندو * نوي جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جي شرح بلند ترين هئي: وفاقي گهرو وزير * جمهوريت جو تسلسل نه هجڻ تي ملڪ ترقي ڪري نه سگهيو، ٻن ٻن سالن دوران حڪومتون ختم ڪيون ويون: احسن اقبال * 90 جي ڏهاڪي کي غير مستحڪم ڪيو ويو: احسن اقبال * 1960بعد جاپان کان پوءِ پاڪستان کي اڀرندڙ معيشت چيو ويو * اسلام آباد: سرتاج عزيز جو قومي ترقي بابت ڪانفرنس کي خطاب * اڳتي وڌڻ لاءِ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو: سرتاج عزيز * پاڪستان جو ترقياتي سفر دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي: سرتاج عزيز * پاڪستان ستر سالن کان موسمي اثرن کي منهن ڏنو ، ملڪ قدرتي آفتن ۽ دهشتگردي کي منهن ڏنو: سرتاج عزيز * لاهور: اين اي 120 جي نامزد اميدوار بيگم ڪلثوم نواز لنڊن رواني * ڪلثوم نواز کي اڄ رٽرننگ آفيسر آڏو پيش ٿيڻو هو * بيگم ڪلثوم نواز پي ڪي 757 ذريعي لنڊن رواني ٿي * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ 30 هزار جعلي ڀرتين واري ڪيس کي اڪلائي ڇڏيو * تعليم کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهرالحق سميت سمورا آفيسر آجا قرار * تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين بابت جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي: وڌيڪ ضرورت ناهي: نيب * جعلي ڀرتين بابت شڪايتن ۾ سرڪاري آفيس استعمال نٿي نه ئي وري سرڪاري خزاني کي نقصان پهتو: نيب * سرگوڌا: هوائي فوج جو جهاز ڪري تباهه: ترجمان هوائي فوج * ايف سيون پي جي جهاز تربيتي اڏام تي هو سوگوڌا ويجهو ڪري تباهه ٿيو: هوائي فوج جو ترجمان * حادثي ۾ هڪ پائليٽ زخمي ٿيو پيو، ٻيو محفوظ رهيو: ترجمان هوائي فوج * ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي * اڳوڻي سيڪريٽري لينڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جي درخواستن تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي * جوابدارن پاران اينٽي ڪرپشن جي ڪيل جاچ کان اڻڄاڻائي ظاهر * اسڪيم 33 جي قيمتي زمين جو معاملو آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ * عدالت اينٽي ڪرپشن کان 3 آڪٽوبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي * جوابدارن خلاف ريفرنس تيار آهي،لاڳاپيل عدالت ۾ داخل ڪنداسين:نيب * مورو: باءِ پاس وٽ مزدا جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، اصغر کوسو فوت * اڏيرو لال: پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي، پوليس ڪڙو چاڙهي ڇڏيو *غوثپور:انڊس هاءِ وي تي هٿيارن جي زور تي ٽرڪ ڊرائيور ذوالفقار اغوا * هٿيار بندن ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ کي، روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، نه بيهڻ تي فائرنگ * گوليون لڳڻ سبب ڪوچ ڊرائيورمحمد سليم سخت زخمي،اسپتال منتقل

سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ غير ملڪي فنڊنگ ۽ عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ غير ملڪي فنڊنگ ۽ عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

*سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ غير ملڪي فنڊنگ ۽ عمران خان جي نااهلي لاءِ داخل حنيف عباسي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي آهي، وڪيل اڪرم شيخ پاران پي ٽي آءِ جي فنڊن واري ڪيس جي جاچ حڪومت کان ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي، چيف جسٽس چيو ته حڪومت کي جاچ لاءِ عدالتي هدايت جي ضرورت نه آهي، پاڻ جاچ ڇو نه ٿي ڪري. چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس فيصل عرب جي ٻڌل ٽه رڪني بينچ تحريڪ انصاف جي غيرملڪي فنڊنگ ۽ عمران خان جي نااهلي ڪيس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمران خان جي وڪيل انور منصور کان سوال ڪيو ته ڇا اها ڳالهه درست آهي ته پي ٽي آءِ يو ايس ايل ايل سي اوهان جي ايجنٽ آهي، جيڪا منع ٿيل فنڊ پاڪستان موڪلي ته ڇا اهي قبول ڪرڻ گهرجن. پي ٽي آءِ جي وڪيل اعتراف ڪندي چيو ته يو ايس ايل ايل سي اسان جا ايجنٽ آهن، پر عمران خان ته هميشه منع ٿيل فنڊ نه وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن به منع ٿيل فنڊ آيا ته اسان انهن کي واپس ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس چيو ته پوليٽڪل پارٽيز ايڪٽ، عوامي نمائندگي ايڪٽ ۾ غلط سرٽيفڪيٽ تي نااهلي جي سزا جو ذڪر ناهي، قانون ۾ غلطي ۽ ان جي نتيجن جو لکيل آهي، قانون ۾ منع ٿيل فنڊ ضبط ڪرڻ جو ذڪر آهي، ته ان تي نااهل ڪيئن ڪري سگهجي ٿو. عمران خان جي وڪيل چيو ته غيرملڪي ڪمپني کان فنڊ وٺڻ واري معاملي جو نوٽيس مليو هو، ايجنٽ قانون ۽ هدايتن تي عمل ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ به پيش ڪيو، جڏهن ته آمريڪا ۾ اندر فنڊز وٺڻ تي پابندي نه آهي. ان موقعي تي جسٽس فيصل عرب چيو ته فارن ايجنٽ رجسٽريشن ايڪٽ تحريڪ انصاف جي ريگوليٽر ناهي، جنهن تي حنيف عباسي جي وڪيل اڪرم شيخ چيو ته فارا جي ويب سائيٽ تي سڄي ڄاڻ موجود آهي، تحريڪ انصاف چاهي ته ويب سائيٽ ڏسي سگهجي ٿي، اهو چوڻ ايجنٽ جي غلطي آهي، درست نه آهي. چيف جسٽس عمران خان جي وڪيل کان سوال ڪيو ته ڇا اهڙي لسٽ آهي، جنهن ۾ ڪارپوريشنز مان غيرملڪي فنڊز ورتا ويا هجن، ڇا اوهان فنڊز جا تفصيل فارا کي ڏنا ايندا آهيو ۽ جيڪا لسٽ فارا جي ويب سائيٽ تي آهي، ان تي وڪيل اڪرم شيخ مختلف ڇو چئي رهيو آهي. جنهن تي وڪيل انور منصور چيو ته اسان وٽ پنهنجي فنڊن جا تفصيل موجود آهن، ايجنٽ کي هڪ دائري اندر رهي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. جيڪا هن جي ذميواري به آهي. چيف جسٽس سوال ڪيو فنڊنگ جي رقم ضبط ٿي سگهي ٿي، نااهل نٿو ڪري سگهجي، ڇا فرضن ۾ غفلت ڪرڻ تي ڪنهن کي نااهل ڪيو وڃي، جنهن تي حنيف عباسي جي وڪيل چيو ته اوهان آبزرويشنز هيڊ لائينز ٺاهي ڇڏيندا، منهنجي ڳالهه ٻڌڻ بنا آبزويشن ڏنو ته ناڪاري اثر پوندا. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ايجنٽ سياسي جماعت جا نمائيندا نٿا ٿي سگهن، چيف جسٽس چيو ته عمران خان قانون خلاف فنڊ نه وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي، ان لاءِ ذميواري ۾ لاپرواهي تي نااهلي ٿي سگهي ٿي ؟ چيف جسٽس اڪرم شيخ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جيڪي دليل ڏئي رهيا آهيو اهي جواب الجواب ۾ نه ڏنا ويندا آهن، جنهن تي اڪرم شيخ چيو ته عدالت 500 رپيا بينڪ اڪائونٽ لڪائڻ تي به ماڻهن کي نااهل قرار ڏنو آهي.......     (تاريخ: اڱارو 01 آگسٽ 2017 ٽائيم: 23:34 )


Design & Developed by Aftab Tunio