Tue Aug 22 2017
تازا ترين:  
* * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور پهچي ويو * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف سان ملاقات ڪندو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت ۾ جاري * قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن وارو بل منظور ڪري ورتو * مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد جو ايوان ۾ خطاب * قومي اسيمبلي ۾ ڪورم ڏسي شرم اچي رهيو آهي: خورشيد شاهه * اسپيڪر صاحب اوهان جي ڳالهه ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي: خورشيد شاهه * پارليامينٽ ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي :خورشيد شاهه * ايوان ۾ ڪير به اچڻ لاءِ تيار ناهي، 342جي ايوان ۾ صرف 50 ميمبر موجود آهن: خورشيد شاهه * حڪومت ميمبرن جو اسيمبلي ۾ رويو برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، ٻڌايو وڃي ته هن وقت ڪهڙو وزير ايوان ۾ موجود آهي: خورشيد شاهه * جڏهن ڪنهن وزير ۾ ڪم پوي ٿو ته ڪير به نٿو ملي، وزيرن کان دير سان اچڻ تي اسڪول وانگر ڪرسي تي بيهاريو وڃي، اسيمبلي ۾ روزانو ايندڙ ميمبر عظيم آهي: خورشيد شاهه * ماڻهو ڪراچي ۽ بلوچستان کان اچن پر انهن جو ڪم نٿو ٿئي:خورشيد شاهه * پارليامينٽ ڀريل هجي ته ڪير به اک کڻي نٿو نهاري سگهي، ڪنهن تي تنقيد نه پر ساٿين جو آواز اٿاري رهيو آهيان:خورشيد شاهه * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ ڪوئلا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * جوابدار پ پ ايم پي اي فقير داد کوسو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش * نيب پاران شاهد آفتاب احمد کوکر جو بيان قلمبند ڪيو ويو * ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي وڪيل شاهدن جي بيان تي جرح ڪندو * جوابدارن تي بجلي گهرن لاءِ ڪڍيل ڪوئلو وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي * جوابدارن قومي خزاني کي اڍاِئي ارب جو نقصان پهچايو: نيب * ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪرپشن جي ٻن ريفرنس جي ٻڌڻي * ڊاڪٽر عاصم اڄ احتساب عدالت ۾پيش نه ٿيندو * عاصم جو وڪيل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي * ڊاڪٽر عاصم جو طبي معائنو ٿيڻو آهي، ان لاءِ پيش نه ٿيندو: درخواست * عدالت ڊاڪٽر عاصم جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي * ريفرنس جي ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي * ڪراچي: سنڌ ۾ نيب آرڊيننس جي خاتمي وارو معاملو * سنڌ حڪومت عدالتي حڪم تي نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي * ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، عدالت ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪرائي * آرٽيڪل 69 ۽ 127 پارلياماني ڪارروائي کي تحفظ فراهم ڪري ٿي * عدالت سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي طلب نٿي ڪري سگهي:درخواست ۾ موقف * اسلام آباد: وزيراعظم سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ملاقات * ملاقات وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي: پي ايم هائوس ترجمان * ملاقات ۾پاڪ فوج جي پيشيواراڻي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون * واشنگٽن: آمريڪي صدر افغانستان ۽ پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا بابت نئين آمريڪي پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو * پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن تي خاموش نه ويهنداسين: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ * اربين ڊالر ڏيڻ باوجود پاڪستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي، افغانستان ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ سان پاڪستان کي فائدو ۽ ٻي صورت ۾ نقصان ٿيندو: ڊونلڊ ٽرمپ *اسان جي نيئن پاليسي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان کي خاص اهميت حاصل آهي، سفارتي، سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي کي گڏ ڪري قدم کڻنداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * اسان انهن تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪنداسين جيڪو دهشتگردي کي هٿي ڏيندو: آمريڪي صدر * آمريڪي قوم گذريل 16 سالن کان جنگين سبب پريشان آهي، آمريڪي عوام جيان مون کي افغان جنگ ۾ ڊگهي ٿيڻ تي مايوسي ٿي آهي: ڊونلڊ ٽرمپ * عراق جيان افغانستان مان نڪري وڃڻ واري غلطي کي ٻيهر نه ورجائينداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * ڪراچي: وڏي وزير جي صلاحڪار غلام مرتضيٰ بلوچ جو پٽ مبينا طور اغوا * صوبائي وزير جو پٽ گڏاپ مان اغوا ٿيو: ايس ايس پي ملير * اغوا جو واقعو برسات دوران پيش آيو: ايس ايس پي ملير * رياض: سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، 31 آگسٽ خميس ڏهاڙي حج پڙهيو ويندو، پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو * ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات * گڏاپ، گلزار هجري، ڪورنگي، صدر، ايم اي جناح روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ وارن علائقن ۾ برسات * ڊيرا مراد جمالي:ڳوٺ ڪٽه ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، موٽر سائيڪل سوار محمد نواز فوت * ڪڪڙ:ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو * سوڀوديرو: ڳوٺ سليمان ڀاڳت ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ذوالفقار ڀاڳت فوت * ٽنڊوڄام: ڳوٺ حيدر شاهه آبڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان 16 ورهين جي رامو ڪولهي وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

پارليامينٽ ڏکين حالتن ۾ به اتحاد جو ثبوت ڏنو، تاريخ پارليامينٽ جي ڪردار کي هميشه ياد رکندي:صدر ممنون حسين

پارليامينٽ ڏکين حالتن ۾ به اتحاد جو ثبوت ڏنو، تاريخ پارليامينٽ جي ڪردار کي هميشه ياد رکندي:صدر ممنون حسين

قومي اسيمبلي ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جاري آهي، مخالف ڌر گو نواز گو جا نعرا هڻندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري وئي، صدر ممنون حسين خطاب ڪندي چيو آهي ته چئلينجن باوجود پارليامينٽ پنهنجي اهميت برقرار رکي. قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس شروع ٿيو ته مخالف ڌر گوڙ ڪري ڏنو، ايوان گو نواز گو جي نعرن سان گونجي پيو. مخالف ڌر جا ميمبر سخت نعري بازي ۽ هنگامي بعد ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. مهمانن جي گئلري ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه موجود هئا. گڏيل پارليامينٽ کي خطاب ڪندي صدر مملڪت ممنون حسين چيو ته پارليامينٽ ڏکين حالتن ۾ به اتحاد جو ثبوت ڏنو، تاريخ پارليامينٽ جي ڪردار کي هميشه ياد رکندي. سندس چوڻ هو ته جمهوريت قوم جي ترقيءَ جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون، ماضيءَ جي غلط پاليسين سبب مسئلا ورثي ۾ مليا. ممنون حسين چيو ته بلوچستان جي احساس محرومين کي ختم ڪيو پيو وڃي، چئلينجن باوجود پارليامينٽ پنهنجي اهميت برقرار رکي. هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ترقياتي بجيٽ ۾ 3 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي، بجليءَ جي ورهاست تي گهري نظر رکڻ جي ضرورت آهي. صدرمملڪت چيو ته هو ڀارت سان ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ چاهين ٿا، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي قرارداد موجب حل ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ڀارت ايل او سي تي لاڳيتو اڳرائي ڪري رهيو آهي، ماضيءَ ۾ سياحت جي شعبي تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، توانائي بحران سبب ملڪي معيشت متاثر ٿي. صدر ممنون حسين چيو ته انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ تعليم ضروري آهي، سي پيڪ ذريعي ترقيءَ ڏانهن سفر جاري آهي......     (تاريخ: خميس 01 جون 2017 ٽائيم: 13:34 )


Design & Developed by Aftab Tunio