Tue Aug 22 2017
تازا ترين:  
* * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي لاهور پهچي ويو * وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نواز شريف سان ملاقات ڪندو * اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر جي صدارت ۾ جاري * قومي اسيمبلي چونڊ سڌارن وارو بل منظور ڪري ورتو * مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد جو ايوان ۾ خطاب * قومي اسيمبلي ۾ ڪورم ڏسي شرم اچي رهيو آهي: خورشيد شاهه * اسپيڪر صاحب اوهان جي ڳالهه ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي: خورشيد شاهه * پارليامينٽ ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي :خورشيد شاهه * ايوان ۾ ڪير به اچڻ لاءِ تيار ناهي، 342جي ايوان ۾ صرف 50 ميمبر موجود آهن: خورشيد شاهه * حڪومت ميمبرن جو اسيمبلي ۾ رويو برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي، ٻڌايو وڃي ته هن وقت ڪهڙو وزير ايوان ۾ موجود آهي: خورشيد شاهه * جڏهن ڪنهن وزير ۾ ڪم پوي ٿو ته ڪير به نٿو ملي، وزيرن کان دير سان اچڻ تي اسڪول وانگر ڪرسي تي بيهاريو وڃي، اسيمبلي ۾ روزانو ايندڙ ميمبر عظيم آهي: خورشيد شاهه * ماڻهو ڪراچي ۽ بلوچستان کان اچن پر انهن جو ڪم نٿو ٿئي:خورشيد شاهه * پارليامينٽ ڀريل هجي ته ڪير به اک کڻي نٿو نهاري سگهي، ڪنهن تي تنقيد نه پر ساٿين جو آواز اٿاري رهيو آهيان:خورشيد شاهه * ڪراچي: احتساب عدالت ۾ ڪوئلا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي * جوابدار پ پ ايم پي اي فقير داد کوسو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش * نيب پاران شاهد آفتاب احمد کوکر جو بيان قلمبند ڪيو ويو * ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جي وڪيل شاهدن جي بيان تي جرح ڪندو * جوابدارن تي بجلي گهرن لاءِ ڪڍيل ڪوئلو وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي * جوابدارن قومي خزاني کي اڍاِئي ارب جو نقصان پهچايو: نيب * ڪراچي: ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪرپشن جي ٻن ريفرنس جي ٻڌڻي * ڊاڪٽر عاصم اڄ احتساب عدالت ۾پيش نه ٿيندو * عاصم جو وڪيل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جمع ڪرائي ڇڏي * ڊاڪٽر عاصم جو طبي معائنو ٿيڻو آهي، ان لاءِ پيش نه ٿيندو: درخواست * عدالت ڊاڪٽر عاصم جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي * ريفرنس جي ٻڌڻي 21 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي * ڪراچي: سنڌ ۾ نيب آرڊيننس جي خاتمي وارو معاملو * سنڌ حڪومت عدالتي حڪم تي نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ڇڏي * ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، عدالت ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪرائي * آرٽيڪل 69 ۽ 127 پارلياماني ڪارروائي کي تحفظ فراهم ڪري ٿي * عدالت سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي طلب نٿي ڪري سگهي:درخواست ۾ موقف * اسلام آباد: وزيراعظم سان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي ملاقات * ملاقات وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي: پي ايم هائوس ترجمان * ملاقات ۾پاڪ فوج جي پيشيواراڻي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون * واشنگٽن: آمريڪي صدر افغانستان ۽ پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا بابت نئين آمريڪي پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو * پاڪستان ۾ دهشتگردن جي پناهگاهن تي خاموش نه ويهنداسين: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ * اربين ڊالر ڏيڻ باوجود پاڪستان دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهيو آهي، افغانستان ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ سان پاڪستان کي فائدو ۽ ٻي صورت ۾ نقصان ٿيندو: ڊونلڊ ٽرمپ *اسان جي نيئن پاليسي ۾ افغانستان ۽ پاڪستان کي خاص اهميت حاصل آهي، سفارتي، سياسي ۽ فوجي حڪمت عملي کي گڏ ڪري قدم کڻنداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * اسان انهن تي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪنداسين جيڪو دهشتگردي کي هٿي ڏيندو: آمريڪي صدر * آمريڪي قوم گذريل 16 سالن کان جنگين سبب پريشان آهي، آمريڪي عوام جيان مون کي افغان جنگ ۾ ڊگهي ٿيڻ تي مايوسي ٿي آهي: ڊونلڊ ٽرمپ * عراق جيان افغانستان مان نڪري وڃڻ واري غلطي کي ٻيهر نه ورجائينداسين: ڊونلڊ ٽرمپ * ڪراچي: وڏي وزير جي صلاحڪار غلام مرتضيٰ بلوچ جو پٽ مبينا طور اغوا * صوبائي وزير جو پٽ گڏاپ مان اغوا ٿيو: ايس ايس پي ملير * اغوا جو واقعو برسات دوران پيش آيو: ايس ايس پي ملير * رياض: سعودي عرب ۾ ذوالحج جو چنڊ نظر نه آيو، 31 آگسٽ خميس ڏهاڙي حج پڙهيو ويندو، پاڪستان ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو * ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات * گڏاپ، گلزار هجري، ڪورنگي، صدر، ايم اي جناح روڊ، آءِ آءِ چندريگر روڊ وارن علائقن ۾ برسات * ڊيرا مراد جمالي:ڳوٺ ڪٽه ۾ بارودي سرنگهه جو ڌماڪو، موٽر سائيڪل سوار محمد نواز فوت * ڪڪڙ:ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو * سوڀوديرو: ڳوٺ سليمان ڀاڳت ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ذوالفقار ڀاڳت فوت * ٽنڊوڄام: ڳوٺ حيدر شاهه آبڙي ۾ گهرو اڻبڻت تان 16 ورهين جي رامو ڪولهي وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو

اسلام سلامتي ۽ امن جو دين آهي ۽ ان جو ڪنهن دهشتگردي سان ڪو تعلق ناهي:امام ڪعبه

اسلام سلامتي ۽ امن جو دين آهي ۽ ان جو ڪنهن دهشتگردي سان ڪو تعلق ناهي:امام ڪعبه

ڪعبت الله شريف جي امام شيخ صلاح بن ابراهيم آل طالب چيو آهي ته اسلام سلامتي ۽ امن جو دين آهي ۽ ان جو ڪنهن دهشتگردي سان ڪو تعلق ناهي، ڪجهه عنصر اسلام جي غلط تشريح ڪري دهشتگردي پکيڙڻ چاهين ٿا. نوشهره ۾ جي يو آءِ جي سئو سالا تقريبن جي آخري ڏهاڙي تي خطاب ڪندي ڪعبي جي امام جو چوڻ هو ته هن اجتماع جو وڏو مقصد مسلمانن کي امت واحد بڻائڻ آهي، اسلام سلامتي ۽ امن جو دين آهي. هن چيو ته اسلام جو دهشتگرديءَ سان ڪو به تعلق ناهي، ڇو ته اسلام دهشتگردي کان پري رهڻ جو درس ڏئي ٿو. شيخ صالح بن ابراهيم آل طالب چيو ته دهشتگردي ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي، جڏهن ته سمورا عالم دهشتگردي خلاف متحد ٿين پر ڪجهه ماڻهو اسلام جي غلط تشريح پيش ڪري دنيا ۾ دهشتگردي پکيڙڻ چاهين ٿا. ڪعبي جي امام جو چوڻ هو ته سڄي دنيا پکڙيل مدرسا ماڻهن تائين دين پهچائي رهيا آهن جڏهن ته مسلمان امت پنهنجي مقدس هنڌن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي، اڄ سڄي دنيا جون نظرون پاڪستان تي کتل آهن.....     (تاريخ: آچر 09 اپريل 2017 ٽائيم: 15:39 )


Design & Developed by Aftab Tunio